ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڪارو ڏينهن ملهايو

سرينگر -27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهايو. اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد دنيا تي واضح ڪرڻ آهي ته ڀارت 1947ع کان سندن وطن تي سندن خواهشن جي خلاف، فوجي طاقت ذريعي غيرقانوني قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارتي فوجين 1947ع تي ان ڏهاڙي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي منصوبي جي کُليل …

سرينگر -27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهايو. اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد دنيا تي واضح ڪرڻ آهي ته ڀارت 1947ع کان سندن وطن تي سندن خواهشن جي خلاف، فوجي طاقت ذريعي غيرقانوني قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارتي فوجين 1947ع تي ان ڏهاڙي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي منصوبي جي کُليل ڀڃڪڙي ڪندي ڄمون ڪشمير تي فوجي حملو ڪيو ۽ ڪشميري عوام جي مرضي خلاف ان تي غيرقانوني قبضو ڄمايو. ان ڏينهن کان ڪشميري عوام ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ آزادي ۽ پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جي حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. ڀارت فوج پاران 27 آڪٽوبر 1947ع تي علائقي تي حملي ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي نريندر مودي جي قيادت هيٺ هندو پرست حڪومت طرفان والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي لتاڙ  خلاف آزاد ڄمون ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينارز منعقد ڪيا ويندا آهن.  اهو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ۽ ٻين  آزادي پسند تنظيمن پاران ڪيو ويو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ان موقعي تي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو والاريل ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام کي پنهنجي مادر وطن تي ڀارت جي ناجائز قبضي ختم ڪرائڻ ۾ مدد فراهم ڪري. هر سال 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن ۽ سوڳ جي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو آهي. ان موقعي تي پاڪستاني قوم به والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 27 اڪٽوبر کي ڪاري ڏهاڙي طور ملهائيندو آهي.

مزید خبریں