ڪراچي-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج سرينگر ۾ داخل ٿي، جنهن کانپوءِ والاريل ڪشمير تي ڀارت جو ناجائز قبضو قائم ٿيو، جيڪو مذمت جوڳو آهي. پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته ڪشميري عوام کي حقِ خوداراديت کان محروم رکڻ …
گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو حل ضروري آهي: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج سرينگر ۾ داخل ٿي، جنهن کانپوءِ والاريل ڪشمير تي ڀارت جو ناجائز قبضو قائم ٿيو، جيڪو مذمت جوڳو آهي. پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته ڪشميري عوام کي حقِ خوداراديت کان محروم رکڻ عالمي ضمير لاءِ سواليا نشان آهي. گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو حل ضروري آهي، جڏهن ته عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ ڪشميري عوام کي سندن بنيادي حق ڏيارڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي.هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي ۽ حقِ خوداراديت واري جدوجهد ۾ سندن ساٿاري آهي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي به ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو هميشه ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪشميري عوام جون لازوال قربانيون ۽ جدوجهد ڪڏهن به رائيگان نه وينديون، مسئلي جو منصفاڻو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ لازمي آهي. سنڌ حڪومت ڪشميري عوام سان يڪجهتي ۽ حمايت جو عزم ورجائي ٿي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلو حل ٿيندو ۽ سندن آزاديءَ جي جدوجهد جلد ڪاميابي ماڻيندي. ڪشمير بڻجندو پاڪستان.










