لاڙڪاڻو - 27 آڪٽوبر (اي پي پي) ملڪ جي ٻين حصن جيان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به 27 آڪٽوبر تي ڪشميرين سان ٿيندڙ ڀارتي ظلم، زيادتين ۽ هندستان جي قبضي خلاف ڪشميري عوام سان يڪجھتيءَ طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو ۾ مک تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن جو خاص مهمان ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو چيئرمين اعجاز احمد لغاري ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو هئا. ان موقعي تي قومي جھنڊو …
ملڪ جي ٻين حصن جيان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به 27 آڪٽوبر تي ڪشميرين سان يڪجھتيءَ طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) ملڪ جي ٻين حصن جيان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به 27 آڪٽوبر تي ڪشميرين سان ٿيندڙ ڀارتي ظلم، زيادتين ۽ هندستان جي قبضي خلاف ڪشميري عوام سان يڪجھتيءَ طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو ۾ مک تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن جو خاص مهمان ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو چيئرمين اعجاز احمد لغاري ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو هئا. ان موقعي تي قومي جھنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ اسڪول جي بينڊ ٽيم قومي ترانو وڄايو. تقريب کي خطاب ڪندي ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي چيئرمين اعجاز احمد لغاري چيو ته اسان هر سال هي ڏينهن ڪاري ڏينهن جي عنوان سان ملهائيندا آهيون ڇاڪاڻ ته هندستان غير قانوني طور ڪشمير مٿان قبضو ڪيو ۽ ان ڏينهن کان وٺي ڪشميرين پنهنجو حق آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي جيڪا اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. پاڪستان ڪشميرين سان هر موڙ تي گڏ آهي ۽ سندن سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ ڪشميري ڀائرن جي حمايت ڪندي رهي آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي ظلمن خلاف عالمي سطح تي به آواز اٿاريو آهي جنهن سان ڪشمير ڪاز وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسين ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين خلاف ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن هندستان ڪشميرين مٿان غير قانوني نموني قبضو ڪيو ۽ ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين ڪشميري پنهنجي حق خود اختياري ۽ هندستان کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، جنهن جو حق کين اقوام متحده جي قراردادن تحت حاصل آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جو ڪشميري عوام آزادي حاصل ڪري وٺندو.گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي جي پرنسپال امتياز حسين جتوئي ڳالهائيندي چيو ته هي ڏينهن ان ظلم ۽ زيادتين خلاف ملهائي رهيا آهيون جيڪو هندستان ڪشميرين سان ڪري رهيو آهي، ڪشميري عوام حق تي آهي ۽ آزادي سندن بنيادي حق آهي ۽ ڪشميري اڄ ڏينهن تائين پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن. ان بعد چيئرمين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي اڳواڻي ۾ هڪ ريلي گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو کان سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبرري تائين ڪڍي وئي، جنهن ۾ پوليس، رينجرز، تعليم کاتي، سوشل ويلفيئير، اسٽيوٽا جي عملدارن، شهرين، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ اسڪائوٽس وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ريليءَ ۾ پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد ۽ ڪشميرين جي جدوجهد زنده باد جا نعرا پڻ لڳايا ويا.










