حيدرآباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي)مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو 27 آڪٽوبرتي ڪشميرين سان يڪجهتي طور ڪارو ڏهاڙو ملهايو. مهراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊاڪٽر شعيب شيخ ۽ انجنيئر فيض ابڙي ٻڌايو ته اڄوڪي ڏينهن کي هر سال پاڪستان جا شهري ڪارو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن ۽ ڀارتي قبضي هيٺ آيل ڪشمير جا رهواسي به ان کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا آهن. هنن چيو ته 1947ع …
مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو پاران ڪشميرين سان يڪجهتي طور ڪارو ڏهاڙو ملهايو

مزید خبریں
حيدرآباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي)مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو 27 آڪٽوبرتي ڪشميرين سان يڪجهتي طور ڪارو ڏهاڙو ملهايو. مهراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊاڪٽر شعيب شيخ ۽ انجنيئر فيض ابڙي ٻڌايو ته اڄوڪي ڏينهن کي هر سال پاڪستان جا شهري ڪارو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن ۽ ڀارتي قبضي هيٺ آيل ڪشمير جا رهواسي به ان کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا آهن. هنن چيو ته 1947ع واري سال اڄوڪي ڏينهن (27 هين آڪٽوبر) ڀارتي فوجين ناجائز طريقي سان ڪشمير تي قبضو ڪيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. هنن چيو ته پاڪستاني عوام ڪشميرين سان هميشه گڏ آهي. ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين پڻ پنهنجي تقريرن ۾ ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو.










