سڄي ملڪ جيان شڪارپور ضلعي ۾ به ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ بربريت خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

لاڙڪاڻو - 27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي حڪم تحت سڄي ملڪ جيان شڪارپور ضلعي ۾ به ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ بربريت خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا جھاز چوڪ کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنہ ڪئي ـ ريلي ۾ ضلعي جي مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن، ملازمن، استادن، شاگردن، ريسڪيو، اطلاعات کاتي، صحافين، شهرين،  سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ٻين ماڻهن وڏي انگ ۾ …

لاڙڪاڻو – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي حڪم تحت سڄي ملڪ جيان شڪارپور ضلعي ۾ به ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ بربريت خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا جھاز چوڪ کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنہ ڪئي ـ ريلي ۾ ضلعي جي مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن، ملازمن، استادن، شاگردن، ريسڪيو، اطلاعات کاتي، صحافين، شهرين،  سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ٻين ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ پاڪستان جا قومي جهنڊا، بينر ۽ ڪشميري جهنڊا هئا، جڏهن ته ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن ڪشمير بڻجندو پاڪستان ۽ ڪشمير جي آزادي جا زوردار نعرا پڻ لڳايا ويا.

مزید خبریں