اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڪشمير جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ اڻٽر آهي، عالمي برادري والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال جو نوٽيس وٺي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 27 …
ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا جي جٽادار امن لاءِ اڻٽر آهي: سينيٽ چيئرمين

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڪشمير جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ اڻٽر آهي، عالمي برادري والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال جو نوٽيس وٺي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 27 آڪٽوبر ڪشميري عوام جي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي، ان ڏينهن ڀارتي قدمن ڪشميري عوام جي زندگين تي گهرا اثر ڇڏيا. هن چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون نه وسارڻ جوڳيون آهن ۽ سندن جدوجهد کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي قراردادن مطابق حق خوداراديت ملڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪري سگهن. عالمي برادري ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ ۽ مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري. هن چيو ته پاڪستان ڀارتي قدمن کي رد ڪري ٿو ۽ ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پاڪستان ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل تائين ڪشمير عوام سان گڏ بيٺل رهندو.











