ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي: وفاقي وزير خالد حسين مگسي

اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو آهي، ته ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو حل گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق هئڻ گهرجي، ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جي فيصلي جو حق ڏنو وڃي، ڪشمير جو ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ڪشمير تي ڀارتي فوج …

اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو آهي، ته ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو حل گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق هئڻ گهرجي، ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جي فيصلي جو حق ڏنو وڃي، ڪشمير جو ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ڪشمير تي ڀارتي فوج قبضو ڪري ڪشميري عوام جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب رقم ڪيو آهي. هن چيو ته اهو ڏينهن ڪشميري عوام جي جدوجهد، قربانين ۽ خوداراديت واري حق حاصل ڪرڻ لاءِ سندن پختي عزم جي ياد ڏياري ٿو. خالد حسين مگسي چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي جائز جدوجده ۽ سندن بنيادي خوداراديت واري حق جي حمايت جاري رکندو، پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت لاءِ پرعزم آهي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام جي گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

مزید خبریں