ڪشميري عوام کي خوداراديت وارو حق ڏيڻ عالمي برادري جي ذميواري آهي: نيئر حسين بخاري

اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سيد نيئر حسين بخاري چيو آهي، ته ڪشميري عوام کي خوداراديت وارو حق ڏيڻ عالمي برادري جي ذميواري آهي. ڪشميري حريت پسندن جي آزادي واري جدوجهد ضرور ڪاميابي ماڻيندي. ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پيپلز ميڊيا سيل مان جاري پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀارتي فوج ڪشميري عوام جي بنيادي انساني حقن کي پائمال …

اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سيد نيئر حسين بخاري چيو آهي، ته ڪشميري عوام کي خوداراديت وارو حق ڏيڻ عالمي برادري جي ذميواري آهي. ڪشميري حريت پسندن جي آزادي واري جدوجهد ضرور ڪاميابي ماڻيندي. ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پيپلز ميڊيا سيل مان جاري پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀارتي فوج ڪشميري عوام جي بنيادي انساني حقن کي پائمال ڪري رهي آهي. عالمي انساني حقن جون تنظيمون والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف موثر آواز بلند ڪن ۽ عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪشميري عوام سان آزادي واري جدوجهد ۾ گڏ بيٺل آهي. ڪشمير مسئلو پيپلز پارٽي جي سياسي عزم جو بنيادي حصو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي ڀرپور حمايت ڪئي. صدر آصف علي زرداري عالمي فورمز تي ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري سفارتي محاذ تي ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ خلاقي حمايت جاري رکندي.

مزید خبریں