ڪولمبو _ 27 آڪٽوبر(اي پي پي) سريلنڪا ۾ خراب موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي شاگردن ۽ تعليمي عملي جي حفاظت لاءِ اڱاري ڏينهن سڄي ملڪ جا سمورا اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سريلنڪا جي تعليم واري وزارت چيو آهي ته اهو فيصلو موجوده موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي تدبيرن طور ڪيو ويو آهي ته جيئن شاگردن ۽ اسڪولن جي عملي جي …
سريلنڪا ۾ خراب موسم سبب سمورا اسڪول بند رکڻ جو اعلان
ڪولمبو _ 27 آڪٽوبر(اي پي پي) سريلنڪا ۾ خراب موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي شاگردن ۽ تعليمي عملي جي حفاظت لاءِ اڱاري ڏينهن سڄي ملڪ جا سمورا اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سريلنڪا جي تعليم واري وزارت چيو آهي ته اهو فيصلو موجوده موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي تدبيرن طور ڪيو ويو آهي ته جيئن شاگردن ۽ اسڪولن جي عملي جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي. وزارت مطابق جنرل سرٽيفيڪٽ آف ايجوڪيشن (او ليول ) جي امتحانن ۾ آرٽس جي مضمون جا عملي امتحان طئي ٿيل شيڊول مطابق منعقد ٿيندا. رپورٽ مطابق سريلنڪا ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان شديد برسات جاري آهي جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جي حوالي سان وارننگ جاري ڪئي وئي آهي. نار بنگال ۾ موجود سامونڊي طوفان ارناب به سڌيءَ ريت ملڪ جي موسم کي سخت متاثر ڪري رهيو آهي.







