ماسڪو _27 آڪٽوبر (اي پي پي) روس چيو آهي ته يوڪرين تڪرار جي حل لاءِ ٽه ڌري ڳالهين جي بحالي جو مطلب فوري طور فوجي ڪارروائين تي ڪنهن قسم جي پابندي لاڳو ٿيڻي ناهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف سومر ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته روس جي فوج پنهنجون فوجي ڪارروائيون جاري رکيون آهن ۽ يوڪرين جي فوجي صنعتي ڪامپليڪس سميت فوجي ۽ لاڳاپيل هدفن …
يوڪرين سان ڳالهين جي بحالي سان فوجي ڪارروائين تي ڪا پابندي لاڳو نه ٿيندي: روس
ماسڪو _27 آڪٽوبر (اي پي پي) روس چيو آهي ته يوڪرين تڪرار جي حل لاءِ ٽه ڌري ڳالهين جي بحالي جو مطلب فوري طور فوجي ڪارروائين تي ڪنهن قسم جي پابندي لاڳو ٿيڻي ناهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف سومر ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته روس جي فوج پنهنجون فوجي ڪارروائيون جاري رکيون آهن ۽ يوڪرين جي فوجي صنعتي ڪامپليڪس سميت فوجي ۽ لاڳاپيل هدفن تي مسلسل وڏي پيماني تي حملا جاري آهن. هن چيو ته تڪرار جي پرامن حل جي امڪاني معاهدي جي تفصيلن کي عوامي سطح تي بحث هيٺ آڻڻ سان امن عمل متاثر ٿي سگهي ٿو.دمتري پسيڪوف مطابق يوڪرين جي علائقي اوليشڪي ۾ جنگ بندي جو طريقڪار تڪرار جي ٻين علائقن ۾ به انهي نوعيت جي انتظامن لاءِ مثال بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته انساني همدردي جي بنياد تي اهڙو انتظام ممڪن ناهي.







