اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڪراچي سکر موٽروي منصوبو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ آهي، هن وقت 181 ارب رپين جا 19 منصوبا مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن. سومر ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن واري وقفي دوران شائسته پرويز ملڪ جي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته هن وقت 19 منصوبا …
ڪراچي سکر موٽر وي منصوبو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ آهي، هن وقت 181 ارب رپين جا 19 منصوبا مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڪراچي سکر موٽروي منصوبو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ آهي، هن وقت 181 ارب رپين جا 19 منصوبا مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن. سومر ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن واري وقفي دوران شائسته پرويز ملڪ جي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته هن وقت 19 منصوبا مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن، 13 پراڻا ۽ 6 نوان آهن، انهن جي لاڳت 181 ارب 37 ڪروڙ رپيا آهي، جنهن ۾ سماجي شعبي جا 11 منصوبا شامل آهن. سکر ڪراچي موٽروي اهم منصوبو آهي، ان منصوبي ۾ دير ٿي آهي جڏهن ته ان منصوبي تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي ۽ اهو اسان جي ايجنڊا ۾ سرفهرست آهي. هن ٻڌايو ته اين ڊي ايم اي قدرتي آفتن دوران فعال قدم کڻي رهيو آهي.










