اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ سومر ڏينهن 6 ميمبرن جا بل منظور ڪري ورتا جڏهن ته 7 نوان بل ايوان ۾ پيش ڪيا ويا جنهن کي وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٽن ميمبرن جا بل به واپس ورتا ويا، پرزائيڊنگ آفيسر سينيٽر شهادت حسين اعواڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ منظور ڪيل بلن ۾ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري (پلاسٽڪ بڪ …
سينيٽ اجلاس ۾ 6 ميمبرن جا بل منطور، 7 نوان بل ايوان ۾ پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ سومر ڏينهن 6 ميمبرن جا بل منظور ڪري ورتا جڏهن ته 7 نوان بل ايوان ۾ پيش ڪيا ويا جنهن کي وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٽن ميمبرن جا بل به واپس ورتا ويا، پرزائيڊنگ آفيسر سينيٽر شهادت حسين اعواڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ منظور ڪيل بلن ۾ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري (پلاسٽڪ بڪ ڪورز جي منع) (ترميمي) بل 2026ع، اقرا گلوبل يونيورسٽي بل 2026ع، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي (ترميمي) بل 2022ع، جرم زنا (نفاذ حدود) (ترميمي) بل 2026ع، ضابطا فوجداري (ترميمي) بل 2026ع ۽ اسلام آباد صارفين جي تحفظ (ترميمي) بل 2026ع شامل آهن. ايوان سورن بلن جي شقوار منظوري ڏني. هي بل سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر محمد عبدالقادر، سينيٽر سرمد علي ۽ سينيٽر ممتاز زهري پيش ڪيا. اجلاس دوران 7 نوان بل به پيش ڪيا ويا جن ۾ فوجداري (ترميمي) بل 2026ع، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري موٽر وهيڪلز (رنگين شيشن جا ضابطه) بل 2026ع، اقباليات (تعيلمي ادارن ۾ هٿي ڏيڻ) بل 2026ع، فوجداري قانون (بزرگ والدين ۽ ڪفالت هيٺ بزرگ خانداني ماڻهن جو تحفظ) (ترميمي) بل 2026ع، سرڪاري انتظاميه جي نوآبادياتي اثرن کان پاڪ ڪرڻ ۽ اداره جاتي وقار جو بل 2026ع، آڊيٽر جنرل جي سفارشن (عملدرآمد) بل 2026ع ۽ چونڊ (ترميمي) بل 2026ع شامل آهن. هي بل سينيٽر ممتاز زهري، سينيٽر زرقا سهروردي ۽ سينيٽر محمد عبدالقادر طرفان پيش ڪيا ويا. پرزائيڊنگ آفيسر سينيٽر شهادت اعواڻ سمورا بل وڌيڪ غور ويچار لاءِ لاڳاپيل ڪميٽين حوالي ڪري ڇڏيا. اجلاس ۾ ٽن ميمبرن جا بل واپس ورتا ويا جن ۾ غير اخلاقي اشتهارن جي منع (ترميمي) بل 2025ع، ڪينابِس ڪنٽرول اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2025ع ۽ تماڪ ڇڪڻ جي منع ۽ تماڪ نه ڇڪيندڙ ماڻهن جي صحت جي تحفظ (ترميمي) بل 2025ع شامل آهن.










