اسلام آباد - 26 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر، شفاف ۽ مناسب ريليف جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شڪايتن جي فوري ازالي، نظام ۾ بهتري ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سميت لاڳاپيل ادارن سان ويجهي رابطي کي موثر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ٽيڪس …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان وفاقي ٽيڪس محتسب ظفرالحق حجازي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر، شفاف ۽ مناسب ريليف جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شڪايتن جي فوري ازالي، نظام ۾ بهتري ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سميت لاڳاپيل ادارن سان ويجهي رابطي کي موثر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ٽيڪس محتسب ظفرالحق حجازي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سومر ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي نائب وزيراعظم شڪايتن جي ازالي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٽيڪس انتظاميا جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي لاءِ سفارشن تي عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو. وفاقي ٽيڪس محتسب نائب وزيراعظم کي جاري سڌارن ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ اداراجاتي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني.











