اسلام آباد - 26 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 24 آڪٽوبر 2026ع تي سعودي عرب ۾ مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره جي علائقن بشمول مقدس جاين جي ويجهي وارن علائقن کي نشانو بڻائيندڙ حوثي بيلسٽڪ ميزائل حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي مذمت جوڳا حملا سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي سنگين خلاف …
پاڪستان پاران سعودي عرب تي حوثي حملن جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 24 آڪٽوبر 2026ع تي سعودي عرب ۾ مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره جي علائقن بشمول مقدس جاين جي ويجهي وارن علائقن کي نشانو بڻائيندڙ حوثي بيلسٽڪ ميزائل حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي مذمت جوڳا حملا سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي سنگين خلاف ورزي آهن ۽ اسلام جي مقدس ترين جاين جي تقدس ۽ شهرين جي سلامتي کي واضح نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهن. پاڪستان سعودي عرب سان اڻٿڪ يڪجهتي ۽ مڪه اتحاد سان پنهنجي مضبوط وابستگي جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته هو ڪنهن به ٻاهرئين جارحيت يا خطري جي خلاف سعودي عرب جي سلامتي، استحڪام ۽ دفاع، بشمول حرمين شريفين جي تحفظ جي لاءِ حمايت جاري رکندو. پاڪستان حملن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ سعودي فضائي دفاعي فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي پڻ ساراهيو.











