قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ يمن جي مجلس نمائندگان جي اسپيڪر شيخ سلطان البرڪاني وچ ۾ ورچوئل رابطو

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ يمن جي مجلس نمائندگان جي اسپيڪر شيخ سلطان البرڪاني وچ ۾ ورچوئل رابطو ٿيو. ان موقعي تي قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پڻ موجود هو. ڳالهين دوران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ جان ٻن دلين وانگر آهن. هن چيو ته حرمين …

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ يمن جي مجلس نمائندگان جي اسپيڪر شيخ سلطان البرڪاني وچ ۾ ورچوئل رابطو ٿيو. ان موقعي تي قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پڻ موجود هو. ڳالهين دوران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ جان ٻن دلين وانگر آهن. هن چيو ته حرمين شريفين جو تحفظ پاڪستان جي پهرين ترجيح آهي. اسپيڪر مڪه معاهدي کي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. هن گڏيل قومن جي قراردادن موجب يمن جي خودمختياري ۽ آزادي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجائيندي چيو ته خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڳالهيون، ٽياڪڙي ۽ سفارتي رابطا ضروري آهن. هن آبناءِ باب المندب جي خطي لاءِ اهميت کي به اجاگر ڪيو. يمن جي مجلس نمائندگان جي اسپيڪر شيخ سلطان البرڪاني چيو ته يمن جي عوام پاڪستان جي حمايت ۽ يڪجهتي تي فخر محسوس ڪري ٿي. هن چيو ته يمن پاڪستان سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. شيخ سلطان البرڪاني سعودي عرب تي حملن جي سخت مذمت ڪندي خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪردار کي اهم اهميت رکندڙ قرار ڏنو.

مزید خبریں