اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ کي ٻڌايو ويو آهي ته ورڪر ويلفيئر فنڊ جي اڪائونٽ ۾ 31 آگسٽ 2026ع تائين 315 ارب رپين جي رقم موجود رهي. سومر ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽو جي سوال جي جواب ۾ ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري شيخ سعد وسيم ٻڌايو ته ورڪر ويلفيئر فنڊ جي مد ۾ جمع ٿيل رقم اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ حڪومتي کاتي …
ورڪر ويلفيئر فنڊ ۾ 31 آگسٽ 2026ع تائين 315 ارب رپين جي رقم موجود رهي: ناڻي وارو پارلياماني سيڪريٽري

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ کي ٻڌايو ويو آهي ته ورڪر ويلفيئر فنڊ جي اڪائونٽ ۾ 31 آگسٽ 2026ع تائين 315 ارب رپين جي رقم موجود رهي. سومر ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽو جي سوال جي جواب ۾ ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري شيخ سعد وسيم ٻڌايو ته ورڪر ويلفيئر فنڊ جي مد ۾ جمع ٿيل رقم اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ حڪومتي کاتي ۾ جمع ڪرائي ويندي آهي، 31 آگسٽ 2026ع تائين ان ۾ 315 ارب رپيا موجود هئا، ان کي سرڪاري کاتي ۾ رکيو ويندو آهي، جنهن تي ڪو وياج ناهي، اها رقم سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي کاتي جي مشوري تي منتقل يا جاري ڪئي ويندي آهي.











