اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي وچ اوڀر ۾ وڌندڙ تڪرار، عالمي سطح تي توانائي جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ ۽ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪري مهانگائي جي منظرنامي ۾ بگاڙ کي نظر ۾ رکندي پاليسي ريٽ ۾ 50 بيسز پوائنٽس اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ وياج جي شرح 12 سيڪڙو ٿي وئي آهي. نئين …
اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح 50 بيسز پوائنٽس وڌائي 12 سيڪڙو ڪري ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي وچ اوڀر ۾ وڌندڙ تڪرار، عالمي سطح تي توانائي جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ ۽ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪري مهانگائي جي منظرنامي ۾ بگاڙ کي نظر ۾ رکندي پاليسي ريٽ ۾ 50 بيسز پوائنٽس اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ وياج جي شرح 12 سيڪڙو ٿي وئي آهي. نئين وياج جي شرح 27 آڪٽوبر 2026ع کان لاڳو ٿيندي. اجلاس کان پوءِ اسٽيٽ بئنڪ پاران سومر تي جاري ڪيل پاليسي بيان موجب ڪميٽي جي 10 مان 9 ميمبرن وياج جي شرح ۾ واڌ جي حمايت ڪئي، جڏهن ته هڪ ميمبر ان کان وڌيڪ واڌ جي حق ۾ راءِ ڏني. ڪميٽي چيو ته وچ اوڀر ۾ تڪرار شدت اختيار ڪرڻ ويجهي مستقبل ۾ ان جي حل جي محدود امڪانن جي ڪري عالمي سطح تي توانائي جون قيمتون مسلسل بلند آهن. جيتوڻيڪ محتاط مالياتي پاليسي قدمن ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط جي ڪري عالمي مارڪيٽن ۾ انهن لوڏن جا ملڪي معيشت تي اثر اڃا تائين محدود رهيا آهن، جڏهن ته جاگرافيائي سياسي حالتن مهانگائي جي منظرنامي کي گذريل جائزي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ غير يقيني بڻائي ڇڏيو آهي. بيان موجب پرڏيهي کاتن ۽ معاشي واڌ جا امڪان مجموعي طور تي گذريل اندازن موجب آهن، جڏهن ته انهن شعبن لاءِ خطرا پڻ وڌيا آهن. موجوده صورتحال ۽ اڀرندڙ خطرن کي نظر ۾ رکندي مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح ۾ اضافي کي مهانگائي بابت اميدن کي ضابطي ۾ رکڻ، رسد جي لوڏن جا ثانوي اثر محدود ڪرڻ ۽ مهانگائي کي 5 کان 7 سيڪڙو جي هدفي حد ۾ آڻڻ لا ضروري قرار ڏنو. ان سان معاشي استحڪام برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي جيڪو پائيدار معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي. بيان موجب ڪميٽي گذريل اجلاس کانپوءِ ٿيل اهم اڳڀرائي جو ذڪرڪندي ٻڌايو ته پرڏيهي مٽاسٽا جي مسلسل خريداري جي ڪري اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا اٽڪل 21.5 ارب ڊالر جي سطح تي مستحڪم رهيا جيڪي ٽن مهينن جي آمدني واپار لاءِ ڪافي آهن. ان دوران، عالمي مالياتي فنڊ سان اسٽاف ليول معاهدو به پڻ طئي ٿيو، تازي سروي ۾ صارفين پاران مهانگائي جي اميدن ۾ واڌ ٿي. پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس مالي سال 26-2025ع لاءِ حقيقي مجموعي قومي پيداوار جي واڌ جي شرح کي 3.7 سيڪڙو قرار ڏنو جيڪو شروعاتي اندازي جي برابر آهي. ٻئي طرف، ايف بي آر مالي سال27-2026ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ اوڳاڙين جي وصولي جو هدف پار ڪيو. ڪميٽي وڌيڪ ٻڌايو ته مهانگائي جي وڌندڙ دٻاءُ جي ڪري وڏين مرڪزي بئنڪن پڻ وياج جي شرح ۾ واڌ ڪئي آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف پنهنجي عالمي مهانگائي جي ڪاٿن تي نظرثاني ڪندي انهن کي وڌائي ڇڏيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عالمي سپلاءِ جھٽڪن جي وڌندڙ تعداد کي نظر ۾ رکندي، ٻاهرين ۽ مالي حفاظتي قدمن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن معيشت جي ٻاهرين دٻاءُ کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت وڌي وڃي. محتاط مالياتي، زرعي مالي ۽ مالياتي پاليسين جو ميلاپ، ساختي سڌارن جي بروقت عملدرآمد سان گڏ، اعليٰ ۽ پائيدار معاشي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ ضروري آهي. مالي سال27-2026ع جي جولاءِ ۽ آگسٽ دوران وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ سالياني بنيادن تي 1.9 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته گذريل مالي سال جي چوٿين ٽه ماهي ۾ اها واڌ صرف 0.4 سيڪڙو هئي، ساڳئي طرح سيمينٽ ۽ پيٽروليم شين جي وڪري، نجي شعبي کي قرضن جي فراهمي ۽ خريداري مئنيجرز انڊيڪس سميت ٻيا مختصر مدي جا اشارا پڻ معاشي سرگرمين ۾ بحالي جي نشاندهي ڪري رهيا آهن.مانيٽري پاليسي ڪميٽي اميد ظاهر ڪئي ته مالي سال27-2026ع دوران حقيقي جي ڊي پي جي واڌ جي شرح گذريل ڪاٿي مطابق 3.5 کان 4.5 سيڪڙو جي حد ۾ رهندي، جڏهن ته وچ اوڀر ۾ تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ ۽ ايل نينو جي بگڙجندڙ صورتحال جي ڪري ناسازگار موسمي حالتن کان ان ڪاٿي کي خطرا درپيش آهن. پرڏيهي شعبي جي حوالي سان بيان ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 27-2026ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 874 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. چانورن، اعليٰ قدر واري ٽيڪسٽائل شين ۽ خدمتن جي روانگي واپار ۾ بهتري جي ڪري مجموعي روانگي واپار بحالي طرف گامزن آهن، جڏهن ته ٻاهرين ملڪن مان موڪليل رقم پڻ مستحڪم رهي آهي ۽ اميد آهي ته هي گذريل اندازن کان وڌيڪ هوندي. بيان موجب، مالي سال27-2026ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ ايف بي آر جي ٽيڪس وصولين ۾ سالياني بنيادن تي 7 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ مقرر هدف کان 33 ارب رپيا وڌيڪ آهن. اسٽيٽ بئنڪ جي منافعي جي اهم منتقلي ۽ خرچن کي محدود ڪرڻ جي ڪري پهرين ٽه ماهي ۾ مجموعي مالياتي ۽ بنيادي مالياتي اڪائونٽس سرپلس ۾ رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته وچ اوڀر ۾ تڪرار جي شدت مالياتي انتظام کي وڌيڪ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي.











