اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان آمريڪي ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال جي روشني ۾ پاڪستان جي توانائي سلامتي ۽ ٻارڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير آمريڪي ناظم الامور کي توانائي جي ضرورتن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي …
پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان آمريڪي ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان آمريڪي ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال جي روشني ۾ پاڪستان جي توانائي سلامتي ۽ ٻارڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير آمريڪي ناظم الامور کي توانائي جي ضرورتن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي قدمن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي ڪري ٻارڻ جي دستيابي جي حوالي سان چئلينجز پيدا ٿيا آهن جنهن کي نظر ۾ رکندي بنا رڪاوٽ فراهمي کي برقرار رکڻ لاءِ اڳواٽ قدم کنيا ويا آهن. آمريڪي ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر جي ٻارڻ جي فراهمي جي صورتحال کي مؤثر طريقي سان سنڀالڻ تي پاڪستان جي واکاڻ ڪندي چيو ته آمريڪا پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ويجهي تعاون جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ آمريڪي ڪمپنين لاءِ ڪاروباري موقعا پيدا ڪرڻ ضروري آهي. نيٽلي اي بيڪر چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڊگهي مدي واري توانائي جي فراهمي جا معاهدا ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهن ٿا. پي ايس او ۽ پي ايل ايل جي ايم ڊيز جي آمريڪي ڪمپنين جي ايل اين جي جي فراهمي ۾ دلچسپي بابت اجلاس کي بريفنگ ڏني. علي پرويز ملڪ چيو ته پاڪستان پنهنجي توانائي جي ضرورتن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا جون ٽيمون توانائي جي شعبي ۾ تعاون لاءِ نوان موقعا ڳولي رهيون آهن پاڪستان جي ريفائنريز جي اپ گريڊيشن جا منصوبا آمريڪي مالياتي ادارن لاءِ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري سگهن ٿا. علي پرويز ملڪ آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. هن چيو ته پاڪستان جي معدنياتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. آمريڪي تعاون ۽ ٻطرفي رابطن کي هٿي ڏيڻ سان پاڪستان جي ڊگهي مدي واري توانائي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ٿيندو. ان موقعي تي پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ توانائي جي شعبي ۾ آمريڪي تعاون تي شڪرگذاري جو اظهار ڪيو.











