اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واري وفاقي وزير سينيٽر احد چيما چيو آهي ته دوائن جي قيمتن جي تعين ۾ عوامي مفاد حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ جائز سببن کان سواءِ قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به حالت ۾ قابل قبول ناهي، قيمتن جو تعين ڪندي وقت عوامي مفاد کي ترجيح ڏني ويندي، دواسازي شعبي ۽ امپورٽ ڪندڙن لاءِ غير ضروري رڪاوٽون به …
دوائن جي قيمتن جي تعين ۾ عوامي مفاد حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي: وفاقي وزير احد چيمه

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واري وفاقي وزير سينيٽر احد چيما چيو آهي ته دوائن جي قيمتن جي تعين ۾ عوامي مفاد حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ جائز سببن کان سواءِ قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به حالت ۾ قابل قبول ناهي، قيمتن جو تعين ڪندي وقت عوامي مفاد کي ترجيح ڏني ويندي، دواسازي شعبي ۽ امپورٽ ڪندڙن لاءِ غير ضروري رڪاوٽون به پيدا نه ڪيون وينديون. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن هتي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ دوائن جي قيمتن جي التوا واري ڪيسن ۽ موجوده قيمت جي فارمولي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي عملدارن ٻڌايو ته دوائن جي قيمتن سان لاڳاپيل التوا واري ڪيسن جو جائزو تقريبن مڪمل ٿي چڪو آهي. سينيٽر احد چيما هن اڳڀرائي کي ساراهيندي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته انهن ڪيسن کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اڳتي وڌايو وڃي. هن ڪيسن جي جائزي کي مڪمل ڪرڻ جي سلسلي ۾ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ ڊريپ عملدارن جي ڪوششن کي به ساراهيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صحت واري عالمي اداري جي تجويز ڪيل ٽرائي ويلنٽ فلو ويڪسين مارڪيٽ ۾ ڪافي مقدار ۾ موجود آهي. عملدارن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ويڪسين جون قيمتون ضابطي ۾ اچڻ سبب ڊريپ ان بابت هارڊ شپ ڪيس واپس وٺي ڇڏيو آهي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڊريپ دوائن جي قيمتن جي موجوده فارمولي جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ اهڙين شقن جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي جيڪي قيمتن جي منصفاڻي ۽ صحيح تعين ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهن ٿيون. وفاقي وزير احد چيما ڊريپ کي هدايت ڪئي ته دوائن جي قيمتن جي وڌيڪ آزاد ۽ اثرائتي جائزي لاءِ لاڳاپيل ڊيٽا بيسز جي سبسڪرپشنز خريد ڪرڻ جي امڪان تي غور ڪيو وڃي.











