وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد کي خراجِ عقيدت پيش

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته 26 آڪٽوبر 1948ع تي پير ڪليوا جي چوٽيءَ تي نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد دشمن جي پيش قدمي روڪي، وطن جي دفاع ۾ نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد جي جرئت ۽ فرض شناسي قومي تاريخ جو روشن باب آهي. سومر ڏينهن پنهنجي …

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته 26 آڪٽوبر 1948ع تي پير ڪليوا جي چوٽيءَ تي نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد دشمن جي پيش قدمي روڪي، وطن جي دفاع ۾ نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد جي جرئت ۽ فرض شناسي قومي تاريخ جو روشن باب آهي. سومر ڏينهن پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد جي قرباني هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندي، بهادري جي اعتراف ۾ نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد کي هلال ڪشمير سان نوازيو ويو، نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد جي زندگي وطن سان محبت، وفاداري ۽ قرباني جو درس ڏئي ٿي، نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد جي قرباني ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهي. هن، دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد جي درجن جي بلندي فرمائي ۽ اسان کي وطن جي خدمت ۽ حفاظت لاءِ کيس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق ڏئي. 

مزید خبریں