اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ايٿوپيا سان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو آهي. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن هتي پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر عمر حسين اوباسي سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، بئنڪاري لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون، گڏيل …
پاڪستان ايٿوپيا سان اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ايٿوپيا سان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو آهي. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن هتي پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر عمر حسين اوباسي سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، بئنڪاري لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي رابطن سان لاڳاپيل معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ ايٿوپيا جي وزير ڪائونسلر ميلاو گيٽاشيو ۽ سياسي سفارتڪاري جي انچارج ڪالڪيڊان ٽيڊيسي به ملاقات موجود هئي، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي اقتصادي ترقي جي تجربن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي معاشي ڍانچن ۾ هڪجهڙائي جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ترقي لاءِ مقامي حالتن ۽ ضرورتن سان هم آهنگ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ اهم آهي. هن اقتصادي ترقي جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي امڪانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وفاقي وزير ايٿوپيا جي سفير کي پاڪستان ۾ جاري اقتصادي سڌارن بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته انهن قدمن جو مقصد پائيدار معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي بنياد تي ڊگهي مدي جي ترقي ۽ واڌ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي. ملاقات ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ موجود موقعن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مالياتي ۽ بينڪاري لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي اهميت تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ايٿوپيا جي سفير واپار ۽ سيڙپڪاري جي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي بينڪاري شعبن وچ ۾ ويجهي تعاون کي اهم قرار ڏنو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي معاشي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص ڪري جاري تڪرارن جي توانائي جي فراهمي، ڀاڻ جي دستيابي ۽ خوراڪ جي تحفظ تي امڪاني اثر بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي توانائي ۽ ڀاڻ جي فراهمي جي نظام ۾ رڪاوٽن جي ڪري معيشتن کي درپيش چئلينجن، خاص طور تي زرعي پيداوار ۽ اقتصادي سرگرمين جي تسلسل تي پوندڙ اثرن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن ٻاهرين معاشي لوڏن کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ اڳواٽ تياري ۽ گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ايٿوپيا وچ ۾ هوائي رابطي جي امڪانن ۽ ٻه طرفي واپار سان گڏ عوامي سطح جي رابطن کي مضبوط ڪرڻ ۾ انهن جي ڪردار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير ايٿوپيا سان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. ڌرين واپار، سيڙپڪاري، مالياتي تعاون ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل رابطي ۽ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.











