سنڌ جي وڏي وزير پاران مري ويجهو افسوسناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جي 7 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار

ڪراچي- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مري ويجهو افسوسناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جي 7 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مري ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جي 7 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته …

ڪراچي- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مري ويجهو افسوسناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جي 7 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مري ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جي 7 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هڪ ئي خاندان جا ايترا ماڻهو وڇڙي وڃڻ انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ المناڪ واقعو آهي. هن فوتين جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

مزید خبریں