حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا ڪنهن دير جي حل ڪيا وڃن: حضور بخش لغاري

لاڙڪاڻو- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) صوبائي محتسب اعلي' سنڌ جي صلاحڪار ريجنل آفيس لاڙڪاڻو حضور بخش لغاري چيو آهي ته حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا ڪنهن دير جي حل ڪيا وڃن. پگھارن، پينشن، جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ کين ادائگيون ڪيون وڃن ۽ انهن سان گڏوگڏ جيڪڏهن ڪنهن جا ڪاغذات مڪمل نه آهن انهن بابت درخواستگذارن کي آگاهه ڪيو …

لاڙڪاڻو- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) صوبائي محتسب اعلي’ سنڌ جي صلاحڪار ريجنل آفيس لاڙڪاڻو حضور بخش لغاري چيو آهي ته حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا ڪنهن دير جي حل ڪيا وڃن. پگھارن، پينشن، جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ کين ادائگيون ڪيون وڃن ۽ انهن سان گڏوگڏ جيڪڏهن ڪنهن جا ڪاغذات مڪمل نه آهن انهن بابت درخواستگذارن کي آگاهه ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس لاڙڪاڻو ۾ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي مسئلن جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل هڪ کليل ڪچهريءَ ۾ آفيسرن کي هدايتون ڏيندي ڪيو. هن چيو ته جيڪو به ملازم جتان رٽائر ٿيو آهي ان کي ادائگيون اتان ڪيون وڃن جيئن کين ڪنهن به پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي. هن چيو ته ملازمن جون جيڪي به ادائگيون رهيل آهن ان کي ادا ڪيون وڃن. پگھارن، پينشن، جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ کين ادائگيون ڪيون وڃن ۽ انهن سان گڏوگڏ جيڪڏهن ڪنهن جا ڪاغذات مڪمل نه آهن انهن بابت درخواستگذارن کي آگاھ ڪيو وڃي. اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ کي لکيو وڃي ۽ ٽيليفونڪ رابطو پڻ ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ محتسب آفيس کي رپورٽ پڻ ڏني وڃي. ان موقعي تي هن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ۽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر لاڙڪاڻو کي پڻ هدايتون ڏيندي چيو ته اوهان ملازمن جي مسئلن کي چڱيءَ طرح ڏسو ته جيئن ڪنهن به قسم جي دير نه ٿئي ۽ قانوني گھرجون پوريون ٿين. ان بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهڙي قسم جون کليل ڪچهريون سموري سنڌ ۾ منعقد ڪيون وڃن ٿيون ته جيئن ملازمن جا مسئلا حل ٿي سگھن پر ان سلسلي ۾ ملازمن کي به گھرجي ته سمورا گھربل ڪاغذات مڪمل هئڻ گھرجن. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر لاڙڪاڻو ضمير حسين کوکر، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر لاڙڪاڻو عبدالفتاح سومرو ڳالهائيندي چيو ته سمورن ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٿا ۽ کين پڻ هدايتون ڏنيون وڃن ٿيون ته سمورا ڪاغذات مڪمل هئڻ گھرجن ته جيئن ادائگين ۾ دير نه ٿئي. کليل ڪچهريءَ ۾ 10 درخواستون وصول ٿيون جن جي حل لاءِ موقعي تي ئي حڪم جاري ڪيا ويا. ان موقعي تي اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسر ۽ ٻيا واسطيدار عملدار پڻ موجود هئا.

مزید خبریں