پاڪستان پاران دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين سان شهرين جي مارجڻ بابت افغان طالبان رجيم جا بي بنياد ۽ غيرتصديق ٿيل الزام سختي سان رد

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين سان شهرين جي مارجڻ بابت افغان طالبان رجيم جي بي بنياد ۽ غيرتصديق ٿيل الزامن کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته گمراهه ڪندڙ معلومات ۽ منفي بيانيو افغان سرزمين تان سرگرم دهشتگرد نيٽ ورڪس جي خطري کي لڪائي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي افغان طالبان رجيم کي ان جي ذميواري کان آزاد ڪري سگهي …

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين سان شهرين جي مارجڻ بابت افغان طالبان رجيم جي بي بنياد ۽ غيرتصديق ٿيل الزامن کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته گمراهه ڪندڙ معلومات ۽ منفي بيانيو افغان سرزمين تان سرگرم دهشتگرد نيٽ ورڪس جي خطري کي لڪائي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي افغان طالبان رجيم کي ان جي ذميواري کان آزاد ڪري سگهي ٿو ته هو افغان سرزمين کي پاڪستان جي خلاف حملن جي منصوبابندي ۽ ڪاررواين جي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي، انهن دهشتگرد ڪاررواين ۽ حملن ۾ رڳو 2026ع دوران 3500 کان وڌيڪ جاني نقصان ٿي چڪو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي لاڳاپيل ادارن، بشمول مانيٽرنگ ٽيم پاران پڻ مسلسل رپورٽ ڪيو ويندو رهيو آهي ته طالبان رجيم وڏي انگ ۾ دهشتگرد تنظيمن کي بنا رڪاوٽ پناهه فراهم ڪري رهي آهي جيڪو عالمي برادري جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب آهي، انهن تنظيمن ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي)/ فتنه الخوارج، بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) / فتنه الهندستان ۽ انهن جا اتحادي گروهه شامل آهن جيڪي خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد حملن جي نتيجي ۾ هزارين پاڪستاني شهري شهيد ٿي چڪا آهن، انهن حملن جي منصوبابندي، مالي مدد، سرپرستي ۽ عملي ڪارروايون افغان سرزمين تان ڪيون ويون آهن جڏهن ته افغان طالبان رجيم جي نگراني، سرپرستي ۽ فعال سهولتڪاري پڻ انهن سرگرمين ۾ شامل رهي آهي. پاڪستان واضح ڪيو ته ڪا به ذميوار رياست پنهنجي شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز کي مسلسل نشانو بڻائن تي خاموش تماشائي نه ٿي رهي سگهي، پاڪستان پاران اهڙن دهشتگرد حملن جي جواب ۾ کنيل قدم پنهنجي دفاع جي حق تحت لازمي ضرورت ۽ آخري آپشن جي طور تي کنيا ويا، اهي ڪارروايون رڳو افغانستان ۾ دهشتگردن ۽ انهن جي پهچ وارن مددي مرڪزن جي خلاف ڪيون ويون، پاڪستان جو ردعمل خطري جي نوعيت ۽ شدت جي متناسب هو ۽ ان دوران هدفن ۾ فرق ۽ احتياط جي اصولن جي سختي سان پابندي ڪئي وئي. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان کي درپيش دهشتگرد حملن جي شدت ۽ لاڳيتو ٿيڻ جي باوجود ڪاررواين جو دائرو ۽ ماپو تحمل جي عڪاسي ڪري ٿو. پاڪستان عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ٻين وابستگين تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪامي تي طالبان رجيم جو محاسبو ڪري ۽ افغان سرزمين کي دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جا قدم يقيني بڻائي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ پاڪستاني شهرين جي جان ۽ سلامتي جي تحفظ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.

مزید خبریں