نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران چين سان سدابهار اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو اظهار

اسلام آباد - 26 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين سان سدابهار اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ پرڏيهي وزارت ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. مائوننگ اسحاق ڊار جي …

اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين سان سدابهار اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ پرڏيهي وزارت ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. مائوننگ اسحاق ڊار جي لاءِ پرڏيهي وزير وانگ يي پاران نيڪ خواهشون پهچايون. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزير وانگ يي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان – چين ترجمانن جي ڊائيلاگ جي لاءِ مائوننگ کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ چين سان سدابهار اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر سطح تي باقاعده مشاورت ۽ خيالن جي ڏي وٺ جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته ترجمانن جو ڊائيلاگ ميڊيا تعاون، اسٽريٽجڪ مواصلات ۽ عوامي سفارتڪاري کي فروغ ڏيڻ، گڏيل افهام تفهيم وڌائڻ ۽ ٻنهي قومن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ جو هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. ان موقعي تي مائوننگ پاڪستان سان چين جي ويجهي حصيداري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

مزید خبریں