پشاور - 26 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سومر ڏينهن ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق ڊيره اسماعيل خان ۾ 6 دهشتگردن جو مارجي وڃڻ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻين صلاحيتن جو ثبوت آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون وسارڻ جهڙيون ناهن. هن چيو …
خيبر پختونخوا جي گورنر پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
پشاور – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سومر ڏينهن ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق ڊيره اسماعيل خان ۾ 6 دهشتگردن جو مارجي وڃڻ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻين صلاحيتن جو ثبوت آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون وسارڻ جهڙيون ناهن. هن چيو ته نائب حوالدار غلام مرتضيٰ ۽ سپاهي تاثير احمد جي شهادت تي دلي افسوس ٿيو آهي. هن چيو ته شهيدن جي عظيم قربانيون پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهن. هن چيو ته شهيدن جي خاندانن سان غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکڻي پوندي. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.











