جياني انفينٽينو پاران فيفا جي صدر ٻيهر چونڊ لاءِ ڀرپور حمايت جي دعويٰ، استعيفيٰ ڏيڻ جا مطالبا رد

زيورخ- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا جي صدر جياني انفينٽينو دعويٰ ڪئي آهي ته ورلڊڪپ جي منافعي ۾ شيئرز جي وڪري جي تڪراري تجويز تي شديد تنقيد باوجود کيس عالمي فٽبال برادري جي اڪثريت جي مڪمل حمايت حاصل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هو ايندڙ سال مارچ ۾ ٿيندڙ فيفا صدارتي چونڊن ۾ آخري مدي لاءِ ٻيهر ميدان ۾ لهڻ جي تياري ڪري رهيو آهي جڏهن …

زيورخ- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا جي صدر جياني انفينٽينو دعويٰ ڪئي آهي ته ورلڊڪپ جي منافعي ۾ شيئرز جي وڪري جي تڪراري تجويز تي شديد تنقيد باوجود کيس عالمي فٽبال برادري جي اڪثريت جي مڪمل حمايت حاصل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هو ايندڙ سال مارچ ۾ ٿيندڙ فيفا صدارتي چونڊن ۾ آخري مدي لاءِ ٻيهر ميدان ۾ لهڻ جي تياري ڪري رهيو آهي جڏهن ته مخلف اميدوارن جي نامزدگي لاءِ 18 نومبر جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. جياني انفينٽينو پاران ورلڊڪپ جي منافعي ۾ شيئرز جي وڪري جي منصوبي تي يورپ، اتر آمريڪا ۽ ايشيا جي فٽبال عملدارن شديد ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. واضح رهي ته آذربائيجان ۾ انڊر 15 ورلڊڪپ جي موقعي تي پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن استعيفيٰ جي مطالبن کي رد ڪندي چيو ته فيفا ۾ مختلف راءِ جو هجڻ جمهوري عمل جو حصو آهي ۽ سمورن 211 ميمبر ايسو سي ايشنز جي ووٽن ۽ راءِ جو احترام ڪرڻ گهرجي. جياني انفينٽينو جي تازي بيان ۽ ايشيائي فٽبال ڪنفيڊريشن جي حمايت بعد سندس ٻيهر چونڊ جي مهم اهم مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي.

مزید خبریں