نيويارڪ- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) نيويارڪ جي ڪيٿولڪ آرچ ڊائيوسيس اعلان ڪيو آهي ته هو پادرين هٿان جنسي استحصال جو نشانو بڻيل ڪيترن ئي متاثرن کي 80 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ رقم ادا ڪرڻ جي هڪ معاهدي تي راضي ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو معاهدو جنهن تي نومبر جي شروع ۾ باضابطه صحيحيون ڪيون وينديون، مدعين جي وڪيلن سان سالن کان جاري ڳالهين جي پڄاڻي جي نشاندهي …
ڪيٿولڪ آرچ ڊائيوسيس پاران پادرين هٿان جنسي استحصال جو نشانو بڻيل متاثرن کي 80 ڪروڙ ڊالرز ادا ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
نيويارڪ- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) نيويارڪ جي ڪيٿولڪ آرچ ڊائيوسيس اعلان ڪيو آهي ته هو پادرين هٿان جنسي استحصال جو نشانو بڻيل ڪيترن ئي متاثرن کي 80 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ رقم ادا ڪرڻ جي هڪ معاهدي تي راضي ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو معاهدو جنهن تي نومبر جي شروع ۾ باضابطه صحيحيون ڪيون وينديون، مدعين جي وڪيلن سان سالن کان جاري ڳالهين جي پڄاڻي جي نشاندهي ڪري ٿو. آمريڪي ڪيٿولڪ چرچ 2000ع جي ڏهاڪي جي شروعات کان جنسي استحصال جي اسڪينڊلز جو شڪار آهي. نيويارڪ جي آرچ بشپ رونالڊ هڪس پنهنجن پادرين کي موڪليل هڪ اي ميل ۾ لکيو، جيڪو آرچ ڊائيوسيس ميڊيا کي به موڪليو، ته ”اسان ان هنڌ پهچي چڪا آهيون جتي خدا چاهيو ته اسان سمورن متاثرن ۽ بچي ويلن ماڻهن لاءِ ڪنهن حد تائين مداوا ۽ مفاهمت جو سامان ڪري سگهنداسين“. آرچ بشپ هڪس جي اي ميل مطابق هاڻي هو هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو سمورو ڌيان انجيل جي تبليغ، بيمارن جي شفا، غريبن ۽ ضرورتمندن جي سار سنڀال، اجنبين جي آجيان ۽ ٻارن جي تعليم جي پنهنجي مشن تي ڏئي سگهندو. آرچ بشپ هڪس کي گذريل سال پوپ ليو چوڏهون آرچ بشپ مقرر ڪيو هو جنهن بااثر قدامت پسند ڪارڊينل ٽموٿي ڊولن جي جاءِ ورتي.











