لبيا ۾ آمريڪا جو سفير طلب، صدر ٽرمپ جي توهين آميز بيان تي احتجاج

طرابلس- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) لبيا جي پرڏيهي وزارت طرابلس ۾ مقرر آمريڪي وقتي سفير کي طلب ڪري صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي گذريل ڏينهن چونڊ جلسي دوران ڏنل انهن بيانن تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي جنهن کي لبيا ۽ ان جي عوام لاءِ توهين آميز قرار ڏنو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق لبيا جي پرڏيهي وزارت چيو ته هو اهڙي ڪنهن به بيان کي رد ڪن ٿا جيڪو ان …

طرابلس- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) لبيا جي پرڏيهي وزارت طرابلس ۾ مقرر آمريڪي وقتي سفير کي طلب ڪري صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي گذريل ڏينهن چونڊ جلسي دوران ڏنل انهن بيانن تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي جنهن کي لبيا ۽ ان جي عوام لاءِ توهين آميز قرار ڏنو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق لبيا جي پرڏيهي وزارت چيو ته هو اهڙي ڪنهن به بيان کي رد ڪن ٿا جيڪو ان جي عوام جي عزت نفس کي نقصان پهچائي، آمريڪي چونڊ پراپيگنڊا ۾ ليبيا کي شامل ڪرڻ قبول جوڳو ناهي. واضح رهي ته صدر ٽرمپ جارجيا رياست ۾ چونڊ جلسي دوران چيو هو ته آمريڪي سينيٽر جون اوسوف ليبيا، يمن، هيٽي ۽ صوماليا جهڙن دهشتگردي سبب متاثر ملڪن مان پرڏيهين جي گروپن کي آڻڻ لاءِ هڪ قانون جي سرپرستي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ڇا توهان کي ياد آهي ته مان انهن کي ڇا چوندو آهيان؟ گندا ملڪ. ان کي نظر ۾ رکندي ليبيا جي وزيراعظم عبدالمجيد الدبيبه ليبيا يا ان جي عوام خلاف ڪنهن به توهين کي رد ڪري ڇڏيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ليبيا هڪ خودمختيار رياست آهي. هن چيو ته اسان گڏيل احترام جي بنياد تي آمريڪا سان پنهنجن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون ۽ اسان ان ڳالهه کي قبول نه ڪنداسين ته ليبيا ۽ ان جي عوام جي عزت نفس کي چونڊ پروپيگنڊا جو موضوع بڻايو وڃي.

مزید خبریں