ڪيوبا ۾ بجلي جي گهٽتائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڊي لائٽ سيونگ ٽائم سسٽم ۾ 7 نومبر 2027ع تائين توسيع

هوانا- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪيوبا چيو آهي ته هو آمريڪي پابندين سبب پنهنجي بجلي جي پيداوار ۾ گهٽتائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڊي لائٽ سيونگ ٽائم(ڏينهن جي روشني مان وڌيڪ فائدو کڻڻ لاءِ ٽائم ۾ تبديلي) جو نظام 7 نومبر 2027ع تائين برقرار رکندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق توانائي، کاڻون کوٽڻ ۽ محنت ۽ سماجي تحفظ واري وزارت گڏيل بيان ۾ ٻڌايو ته ان قدم سان شام جي وقت …

هوانا- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪيوبا چيو آهي ته هو آمريڪي پابندين سبب پنهنجي بجلي جي پيداوار ۾ گهٽتائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڊي لائٽ سيونگ ٽائم(ڏينهن جي روشني مان وڌيڪ فائدو کڻڻ لاءِ ٽائم ۾ تبديلي) جو نظام 7 نومبر 2027ع تائين برقرار رکندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق توانائي، کاڻون کوٽڻ ۽ محنت ۽ سماجي تحفظ واري وزارت گڏيل بيان ۾ ٻڌايو ته ان قدم سان شام جي وقت ۾ بجلي جي طلب ۾ اٽڪل 126 ميگاواٽ گهٽتائي متوقع آهي جنهن سبب لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته صبح جي معمول ۾ رنڊڪ گهٽائڻ لاءِ پهرين نومبر 2026ع کان 14 مارچ 2027ع تائين اسڪول ۽ آفيسون معمول کان 30 منٽ دير سان کلنديون. واضه رهي ته ڪيوبا اٽڪل ٻن سالن کان بجلي جي شديد بندش جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي.

مزید خبریں