بدين - 25 آڪٽوبر (اي پي پي) راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير محمد بخش خان مهر ۽ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر جي هدايتن تي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر بدين انور علي روشن پاران پهريون ڀيرو ديني مدرسن جي شاگردن لاءِ ٻن ڏينهن تي مشتمل راندين جا مقابلا منعقد ڪيا ويا، جن ۾ ڪرڪيٽ، فٽبال، رسي ڇڪڻ ۽ 100 ميٽر ڊوڙڻ جي ريس سميت مختلف راندين جا …
ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيس بدين پاران پهريون ڀيرو ديني مدرسن جي شاگردن لاءِ راندين جا مقابلا

مزید خبریں
بدين – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير محمد بخش خان مهر ۽ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر جي هدايتن تي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر بدين انور علي روشن پاران پهريون ڀيرو ديني مدرسن جي شاگردن لاءِ ٻن ڏينهن تي مشتمل راندين جا مقابلا منعقد ڪيا ويا، جن ۾ ڪرڪيٽ، فٽبال، رسي ڇڪڻ ۽ 100 ميٽر ڊوڙڻ جي ريس سميت مختلف راندين جا مقابلا ڪرايا ويا. مقابلن جي پڄاڻي واري تقريب مدرسه دارالعلوم سعديه بدين ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن، استادن، عالمن ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي مهمانن ميونسپل ڪميٽي بدين جي فوڪل پرسن عبدالڪريم عرف گڊو اڍيجو ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) حيدرآباد ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري ملڪ مزمل چيو ته ديني مدرسن جي شاگردن ۾ به راندين جو ڀرپور ٽيلنٽ موجود آهي ۽ اهي ڪنهن به لحاظ کان اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن کان گهٽ ناهن. هنن چيو ته مقابلا ڏسي محسوس ٿيو ته ڪيترن ئي شاگردن ۾ اهڙيون صلاحيتون موجود آهن، جن کي مناسب موقعا ۽ تربيت فراهم ڪري وڌيڪ اجاگر ڪري سگهجي ٿو. اهڙن مقابلن جو انعقاد نه رڳو شاگردن جي حوصلا افزائي ڪري ٿو، پر کين پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم پڻ فراهم ڪري ٿو. هنن چيو ته ديني ادارا علم، اخلاق، نظم ۽ ضبط جي تربيت جا اهم مرڪز آهن، جڏهن ته راندين کي تعليمي ۽ تربيتي سرگرمين جو حصو بڻائڻ سان شاگردن جي شخصيت ۾ وڌيڪ نکار اچي سگهي ٿو. راندين ذريعي شاگردن ۾ ٽيم ورڪ، برداشت، همت، خوداعتمادي، مقابلي جو مثبت جذبو ۽ هڪ ٻئي جي احترام جهڙيون خوبيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي سندن عملي زندگيءَ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿين ٿيون. ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر انور علي روشن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ان کان اڳ ضلعي ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن لاءِ راندين جا مقابلا ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته گهٽين ۽ پاڙن ۾ راندين ۾ دلچسپي رکندڙ ٻارن کي به مختلف مقابلن جا موقعا فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ديني مدرسن جي شاگردن لاءِ اهڙا مقابلا پهريون ڀيرو منعقد ڪرايا ويا آهن، جن جو مقصد انهن ۾ موجود لڪل صلاحيتن کي سامهون آڻڻ ۽ کين راندين جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته مدرسي جي شاگردن ۾ ٽيلنٽ، نظم ۽ ضبط، استادن ۽ وڏن لاءِ ادب ۽ احترام ڏسي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. اهڙن مقابلن مان ثابت ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ٻارن کي مناسب موقعا، سهولتون ۽ رهنمائي فراهم ڪئي وڃي ته اهي هر شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪري سگهن ٿا. هن اعلان ڪيو ته مستقبل ۾ به اهڙا مقابلا جاري رکيا ويندا ۽ گهٽ ۾ گهٽ سال ۾ هڪ ڀيرو مدرسه دارالعلوم سعديه بدين ۾ راندين جا مقابلا ضرور منعقد ڪرايا ويندا. ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر مدرسي جي انتظاميا کي صلاح ڏني ته شاگردن جي روزاني معمول ۾ راندين لاءِ به مناسب وقت مقرر ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته راندين سان ٻارن جي جسماني صحت، ذهني نشوونما ۽ شخصيت جي تعمير ۾ مدد ملي ٿي. هن چيو ته تعليم ۽ تربيت سان گڏ صحتمند سرگرمين کي هٿي ڏيڻ سان شاگردن ۾ مثبت سوچ، خوداعتمادي ۽ سماجي ذميواريءَ جو احساس وڌائي سگهجي ٿو. تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر سرفراز سمون، اسسٽنٽ اسپورٽس آفيسر عبدالرزاق خاصخيلي، مفتي عبدالغني گوپانگ، مفتي محمد اسماعيل خاصخيلي، عشرت حسين، عبدالعلي گوپانگ، آصف جمالي، ساجد رستماڻي، مدرسي جا استاد، علماءِ ڪرام ۽ شاگرد وڏي انگ ۾ موجود هئا.











