ٽنڊوڄام- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگردن جي وفد ينگ پيس اينڊ ڊولپمينٽ ڪور (وائي پي ڊي سي) جي صدر محمد خليل آرائين جي اڳواڻيءَ ۾ وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال سان ملاقات ڪئي ۽ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل قومي سطح جي اڏان YPDC فيلوشپ پروگرام 2026ع ۾ شرڪت بابت کيس آگاهي ڏني. شاگردن ان پروگرام ۾ سنڌ صوبي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي …
نوجوانن جي قيادت ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ اضافي لاءِ يونيورسٽي هر ممڪن سهڪار ڪندي: ڊاڪٽر الطاف علي سيال

مزید خبریں
ٽنڊوڄام- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگردن جي وفد ينگ پيس اينڊ ڊولپمينٽ ڪور (وائي پي ڊي سي) جي صدر محمد خليل آرائين جي اڳواڻيءَ ۾ وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال سان ملاقات ڪئي ۽ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل قومي سطح جي اڏان YPDC فيلوشپ پروگرام 2026ع ۾ شرڪت بابت کيس آگاهي ڏني. شاگردن ان پروگرام ۾ سنڌ صوبي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي نمائندگي ڪئي، ستن ڏينهن واري فيلوشپ پروگرام جو اهتمام رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وزارت، حڪومتِ پاڪستان جي سهڪار سان وائي پي ڊي سي پاران ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جي نوجوان نمائندن شرڪت ڪئي. پروگرام جو مقصد نوجوانن کي اهم سماجي مسئلن بابت آگاهي ڏيڻ ۽ انهن جي حل لاءِ ڪميونٽي سطح تي اثرائتا قدم کڻڻ لاءِ ھمٿائڻ ھو، فيلوشپ دوران اسڪولن کان ٻاهر ٻارن، پاڻي، صفائي ۽ صحت جي اصولن، غذائي کوٽ ۽ ٻارن جي واڌ ويجهه ۾ رڪاوٽن، منشيات جي استعمال ۽ آباديءَ سان لاڳاپيل چئلينجن تي خاص ڌيان ڏنو ويو، شرڪت ڪندڙن مختلف بحثن، گڏيل سکيا وارين ويھڪن ۽ گروپ سرگرمين ۾ حصو وٺندي نوجوانن جي قيادت، سماجي ترقي ۽ معاشرتي مسئلن جي حل بابت تجربا حاصل ڪيا، ان موقعي تي محمد خليل آرائين وائيس چانسلر کي فيلوشپ دوران حاصل ڪيل تجربن کان آگاهه ڪيو، ملاقات دوران وفد، يونيورسٽي جي وائي پي ڊي سي چيپٽر جي سرگرمين ۽ مستقبل جي منصوبن بابت پڻ ڄاڻ ڏني. انهن منصوبن ۾ شاگردن کي قومي سطح جي تربيتي پروگرامن، فيلوشپس، ڪانفرنسن ۽ ٻين تعليمي توڙي سماجي سرگرمين ۾ شرڪت جا موقعا فراهم ڪرڻ شامل آهي. فيلوشپ ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪرڻ تي محمد خليل آرائين کي شرڪت جو سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنو ويو، وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال شاگردن جي شرڪت ۽ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته نوجوان پنهنجي صلاحيتن ۽ حاصل ڪيل تجربن کي ڪتب آڻي معاشرتي مسئلن جي حل ۽ سماجي ترقيءَ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن، هن يقين ڏياريو ته يونيورسٽي انتظاميا شاگردن ۾ قيادت جون صلاحيتون، خوداعتمادي ۽ سماجي ذميواريءَ جو احساس وڌائڻ لاءِ غير نصابي سرگرمين ۽ نوجوانن جي ترقيءَ بابت قدمن ۾ هر ممڪن سهڪار ڪندي، ان موقعي تي يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام حسين وڳڻ پڻ موجود ھو.











