اسلام آباد- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اردن جي شهر ڪرڪ ۾ گرجاگهر ۾ جنازي دوران دهشتگرداڻي حملي جي مذمت ڪئي آهي. ڇنڇر تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان مطابق ان دهشتگرداڻي حملي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي قيمتي جانين جو نقصان ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. ترجمان چيو ته پاڪستان برادر ملڪ اردن جي حڪومت ۽ عوام خاص طور تي ڏکويل ڪٽنب سان تعزيت ڪري …
پاڪستان پاران اردن جي گادي واري شهر ڪرڪ ۾ گرجاگهر تي دهشتگرداڻي حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اردن جي شهر ڪرڪ ۾ گرجاگهر ۾ جنازي دوران دهشتگرداڻي حملي جي مذمت ڪئي آهي. ڇنڇر تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان مطابق ان دهشتگرداڻي حملي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي قيمتي جانين جو نقصان ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. ترجمان چيو ته پاڪستان برادر ملڪ اردن جي حڪومت ۽ عوام خاص طور تي ڏکويل ڪٽنب سان تعزيت ڪري ٿو ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو. پاڪستان دهشتگردي خلاف پنهنجي جدوجهد ۾ برادر ملڪ اردن جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ دهشتگردي جي سمورين قسمن جي مذمت ڪري ٿو.











