آمريڪا جي صدر پاران ڪئناڊا جي اڪثر مصنوعات تي 50 سيڪڙو ٽيرف ختم ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪئناڊا جي اڪثر زرعي ۽ ڪاٺ سان ٺهيل مصنوعات تي 50 سيڪڙو ٽيرف ختم ڪرڻ جي حڪمنامي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا وائٽ هائوس جي حوالي سان ٻڌايو ته اهي تبديليون 30 آڪٽوبر کان لاڳو ٿينديون، جيڪا چونڊن کان 4 ڏينهن اڳ جي تاريخ آهي. حڪمنامي تحت پلاءِ ووڊ جي چادرن، ڪاغذ جي اڪثر مصنوعات، مخصوص مشينري …

واشنگٽن- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪئناڊا جي اڪثر زرعي ۽ ڪاٺ سان ٺهيل مصنوعات تي 50 سيڪڙو ٽيرف ختم ڪرڻ جي حڪمنامي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا وائٽ هائوس جي حوالي سان ٻڌايو ته اهي تبديليون 30 آڪٽوبر کان لاڳو ٿينديون، جيڪا چونڊن کان 4 ڏينهن اڳ جي تاريخ آهي. حڪمنامي تحت پلاءِ ووڊ جي چادرن، ڪاغذ جي اڪثر مصنوعات، مخصوص مشينري ۽ ريفريجريشن جي اوزارن، پيڪنگ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪريٽس ۽ دٻن، جڏهن ته تازي ۽ خشڪ سامونڊي ڪائي کي ٽيرف کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته آمريڪي صدر آگسٽ ۾ ڪئناڊا مان درآمد ڪيل 20 بلين ڊالر ماليت جي مصنوعات تي 50 سيڪڙو ٽيرف لڳايو هو.

مزید خبریں