انقره- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ترڪيه ۽ ڪينيڊا ٻه طرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حصيداري جي سطح تي کڻي وڃڻ ۽ واپار، توانائي ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها اتفاق راءِ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني وچ ۾ خميس تي انقره ۾ ٿيل ملاقات دوران ٿي. ڪينيڊا جي ڪنهن وزيراعظم جو …
ترڪيه ۽ ڪينيڊا پاران ٻه طرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ تي اتفاق

مزید خبریں
انقره- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ترڪيه ۽ ڪينيڊا ٻه طرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حصيداري جي سطح تي کڻي وڃڻ ۽ واپار، توانائي ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها اتفاق راءِ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني وچ ۾ خميس تي انقره ۾ ٿيل ملاقات دوران ٿي. ڪينيڊا جي ڪنهن وزيراعظم جو ترڪيه جو اهو پهريون سرڪاري دورو آهي. ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو ته ڪينيڊا سان لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي سطح تي پهچايو پيو وڃي جيڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ محدود رابطن جي ڪيترن ئي سالن بعد ٻه طرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات آهي. ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني به ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي شروعات جي تصديق ڪئي. ترڪيه جي صدر ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن دفاعي سهڪار بابت مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن جڏهن ته توانائي، چر پر، واپار ۽ دفاعي صنعت جي شعبن ۾ نوان گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو ويندو. اهو دورو اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن ڪينيڊا آمريڪا سان واپاري ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ پنهنجي اقتصادي حصيدارين ۾ اضافي ۽ نون مارڪيٽن سان رابطا وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.











