يورپ ۾ گرمي جي موسم دوران رڪارڊ ٽوڙ گرمي سبب 50 هزار 391 ماڻهو فوت ٿيا: رپورٽ

واشنگٽن -23 آڪٽوبر(اي پي پي)يورپ ۾ گرمي دوران رڪارڊ ٽوڙ گرمي سبب 50 هزار 391 شهري فوت ٿيا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب نيچر هيلٿ جي رسالي ۾ ٿيل تحقيق موجب جولاءِ ۽ آگسٽ مهيني دوران بار بار آيل گرمي جي شديد لهر سبب يورپ جي 854 شهرن ۾ مختلف عمر جي ماڻهن جي گرمي سبب  فوتگين جو ڪاٿو لڳايو ويو. تحقيق موجب وڌيڪ گرمي پد سبب 50،391 شهري فوت …

واشنگٽن -23 آڪٽوبر(اي پي پي)يورپ ۾ گرمي دوران رڪارڊ ٽوڙ گرمي سبب 50 هزار 391 شهري فوت ٿيا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب نيچر هيلٿ جي رسالي ۾ ٿيل تحقيق موجب جولاءِ ۽ آگسٽ مهيني دوران بار بار آيل گرمي جي شديد لهر سبب يورپ جي 854 شهرن ۾ مختلف عمر جي ماڻهن جي گرمي سبب  فوتگين جو ڪاٿو لڳايو ويو. تحقيق موجب وڌيڪ گرمي پد سبب 50،391 شهري فوت ٿيا، انهن مان 32،619 فوتگيون ڪوئلي، تيل ۽ گيس هلائڻ جي نتيجي ۾ اضافي گرمي سبب ٿيون. اهو انگ سال 2022ع جي ڀيٽ ۾ 71 سيڪڙو وڌيڪ آهي جڏهن ته گرمي سبب 29،480 ماڻهو فوت ٿيا هيا. تحقيق ڪندڙن گرمي سبب فوتگين جو جائزو وٺڻ تي هڪ تحقيق به پيش ڪئي. تحقيق ڪندڙن چيو ته گرمي جي موسم ۾ فوتگين جو اصل انگ ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو ڇو ته مئي دوران گرمي جي لهر سبب ٿيل فوتگيون ان تحقيق ۾ شامل ناهن. وڌيڪ اهو ته تحقيق رڳو انهن 854 شهرن تائين محدود آهي جتي يورپ جي 40 سيڪڙو آبادي رهي ٿي.

مزید خبریں