مالديپ جو صدر ڊاڪٽر محمد معيزو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کان واپس روانو

اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جو صدر ڊاڪٽر محمد معيزو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جمعي جي صبح خاتون اول ساجده محمد ۽ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ اسلام آباد کان روانو ٿي ويو. سماجي رابطن واري پليٽ فارم ايڪس تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب دوري دوران صدر ڊاڪٽر محمد معيزو صدر آصف علي زرداري ۽ …

اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جو صدر ڊاڪٽر محمد معيزو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جمعي جي صبح خاتون اول ساجده محمد ۽ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ اسلام آباد کان روانو ٿي ويو. سماجي رابطن واري پليٽ فارم ايڪس تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب دوري دوران صدر ڊاڪٽر محمد معيزو صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اهم ۽ لاڀائتيُون ملاقاتون ڪيون. دوري دوران مختلف شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته پاڪستان مالديپ بزنس فورم جو ڪامياب انعقاد پُڻ ٿيو جنهن سان واپار، سيڙپڪاري ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون جي لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 60هين سالگرهه جي موقعي تي ٿيندڙ هي تاريخي دورو، پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ پُراڻن دوستاڻن لاڳاپن ۽ اسلامي ڀائيچاري جي رشتن جي تجديد جو سبب بڻيو. دوري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ مضبوط، وسيع ۽ مستقبل جي ضرورتن سان هم آهنگ ڀائيواري جي فروغ جي گڏيل عزم کي به اجاگر ڪيو.

مزید خبریں