گڏيل قومون-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان تابڪاري جي اثرات جو مطالعو ڪندڙ گڏيل قومن جي اهم سائنسي ڪميٽي جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته مالي وسيلن جي کوٽ باوجود هي ادارو اهم انگ اکر فراهم ڪري رهيو آهي جيڪو ميمبر ملڪن کي صحت ۽ ماحولياتي جي تحفظ لاءِ معيار مقرر ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن جي پهرين سيڪريٽري انصار …
فنڊن جي کوٽ باوجود گڏيل قومن جي تابڪاري بابت سائنسي اداري جون اهم خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن: پاڪستان

مزید خبریں
گڏيل قومون-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان تابڪاري جي اثرات جو مطالعو ڪندڙ گڏيل قومن جي اهم سائنسي ڪميٽي جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته مالي وسيلن جي کوٽ باوجود هي ادارو اهم انگ اکر فراهم ڪري رهيو آهي جيڪو ميمبر ملڪن کي صحت ۽ ماحولياتي جي تحفظ لاءِ معيار مقرر ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن جي پهرين سيڪريٽري انصار شاهه ڪالهه خصوصي سياسي ۽ نوآبادياتي معاملن بابت جنرل اسيمبلي جي چوٿين ڪميٽي جي ڪم تي ٿيل بحث کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته گذريل ست ڏهاڪن دوران، گڏيل قومن جي سائنسي ڪميٽي (UNSCEAR) ايٽمي تابڪاري جي سطح، ان جي اثرات ۽ خطرن بابت وسيع معلومات ۽ آگاهي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ڪميٽي جي مخلصاڻين ۽ مسلسل ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته هن اداري ميمبر ملڪن کي Ionizing Radiation کان تحفظ لاءِ عالمي معيار تيار ڪرڻ لاءِ هڪ مضبوط سائنسي بنياد پڻ فراهم ڪيو آهي. پاڪستاني نمائندي ڪميٽي جي ڪم کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ مناسب، اڳواٽ اطلاع ۽ پائيدار مالي وسيلن جي فراهمي تي زور ڀريو. هن ڪميٽي جي سائنسي خودمختياري، مينڊيٽ ۽ عالمي سطح تي تابڪاري جي تحفظ لاءِ ان جي خدمتن کي برقرار رکڻ جي اهميت کي به اجاگر ڪيو. پاڪستان مشن جي پهرين سيڪريٽري چيو ته اسان آئنائيزنگ تابڪاري جي خطرن کان بچاءُ لاءِ جامع ريگيوليٽري اپاءَ ورتا ويا آهن، جيڪي عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (IAEA) پاران تيار ڪيل حفاظتي اصولن ۽ معيارن مطابق آهن. هن چيو ته پاڪستان ائٽامڪ انرجي ڪميشن (PAEC) ڪينسرجي علاج جي مرڪزن ۾ طبي عملي ۽ مريضن کي تابڪاري جي مقدار جي باقاعدگي سان نگراني ڪري ٿو. ان کان علاوه، ايٽمي ٺڪاڻن جي ويجهو رهندڙ آبادي لاءِ امڪاني تابڪاري جي خطرن جو پڻ جائزو ورتو وڃي ٿو ، جڏهن ته گڏ ڪيل انگن اکرن کي منظم طريقي سان ِ محفوظ ڪيو وڃي ته جيئن ان جو تجزيو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جو خيال آهي ته ايٽمي ٽيڪنالاجي جي باري ۾ عوامي قبوليت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ عالمي ڪوششن ۾ ايٽمي تابڪاري جي مفيد رخن کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. هن زور ڀريو ته سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ ايٽمي تابڪاري جي خدمتن کي نمايان ڪرڻ به اوتر ئي اهم آهي، انهن خدمتن ۾ صحت، زراعت، صنعت ۽ ماحولياتي تحفظ جي شعبن ۾ ان ٽيڪنالاجي جو مثبت استعمال شامل آهي. جنرل اسيمبلي جي چوٿين ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي، سائنسي ڪميٽي جي چيئرپرسن، سارہ باتوت، اداري جي سرگرمين بابت تازي معلومات فراهم ڪئي. هن چيو ته اسان جو ڪم پاليسي تجويز ڪرڻ يا حفاظتي معيار مقرر ڪرڻ ناهي. هن وضاحت ڪئي ته ڪميٽي جو بنيادي ڪم موجود سائنسي ثبوتن جو غير جانبداراڻو جائزو ۽ ايٽمي تابڪاري جي طبي، صحت ۽ ماحولياتي اثرن جو مطالعو ڪرڻ آهي. هن وقت سائنسي ڪميٽي ۾ 31 ميمبر ملڪن پاران نامزد ڪيل ماهر شامل آهن. تجويز ڪيل قرارداد ۾ انهن ملڪن جي فهرست طلب ڪرڻ جي حوالي سان جن سائنسي ڪميٽي ۾ شموليت ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، سارہ باتوت چيو ته جنرل اسيمبلي لاءِ هڪ موقعو آهي ته هو طئي ٿيل طريقيڪار تحت مستقبل ۾ وڌيڪ ملڪن جي شرڪت تي غور ڪري. هن چيو ته ٻن اهم سائنسي جائزن جي منظوري ڏني وئي، ان مان هڪ آئنائيزنگ تابڪاري ۽ ڪينسر تي وبائي مرض جي مطالعي تي، جڏهن ته ٻيو رت جي گردش واري نظام تي تابڪاري جي اثرات تي آهي. هن چيو ته عملي جي سخت کوٽ، محدود مالي ۽ٻين وسيلن ۽ آپريشنل رڪاوٽن جي ڪري، سائنسي ڪم ۾ دير ٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 2027ع تائين ڪميٽي جو 73 هون اجلاس ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.











