ڪيف- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته هو روس سان اهڙي پرامن معاهدي تي راضي ٿي سگهي ٿو جنهن تحت موجوده جنگي محاذ تي ويڙهه روڪي صورتحال کي منجمند ڪيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صدر زيلنسڪي چيو آهي ته هن وقت صورتحال کي منجمند ڪرڻ ضروري آهي ۽ سندس خيال ۾ اهو جنگ جي خاتمي لاءِ هڪ عمل جوڳو رستو آهي. هن چيو …
يوڪرين روس سان موجوده محاذ تي جنگ بندي لاءِ تيار

مزید خبریں
ڪيف- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته هو روس سان اهڙي پرامن معاهدي تي راضي ٿي سگهي ٿو جنهن تحت موجوده جنگي محاذ تي ويڙهه روڪي صورتحال کي منجمند ڪيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صدر زيلنسڪي چيو آهي ته هن وقت صورتحال کي منجمند ڪرڻ ضروري آهي ۽ سندس خيال ۾ اهو جنگ جي خاتمي لاءِ هڪ عمل جوڳو رستو آهي. هن چيو ته امڪاني جنگ بندي بعد يوڪرين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ يورپي ملڪن کان يوڪرين جي سيڪيورٽي لاءِ ضمانتون وٺڻ جي ڪوشش ڪندو. سندس چوڻ هو ته سڀني کان اهم ڳالهه امن آهي، پر اهڙو امن ضروري آهي جنهن کي سيڪيورٽي ضمانتن جي حمايت حاصل هجي. رپورٽ مطابق زيلنسڪي هلندڙ هفتي ناروي جي گادي واري شهر اوسلو ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص ايلچي اسٽيووٽڪوف سان ملاقات دوران جنگ بندي جي مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.











