چين جي سامونڊي معيشت جي جي ڊي پي سال 2025ع ۾ 11 ٽرلين يوآن کان وڌي وئي هئي

بيجنگ- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي سامونڊي معيشت جي جي ڊي پي سال 2025ع ۾ 11 ٽرلين يوآن کان وڌي وئي هئي. پرڏيهي ميڊيا چين جي ترقي ۽ سڌارن بابت قومي ڪميشن ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت پاران جاري ڪيل ”چائنا ميرين اڪانامي ڊولپمينٽ رپورٽ 2026ع“ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته سال 2025ع ۾ چين جي سامونڊي معيشت جي جي ڊي پي 11 ٽرلين يوآن کان وڌي …

بيجنگ- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي سامونڊي معيشت جي جي ڊي پي سال 2025ع ۾ 11 ٽرلين يوآن کان وڌي وئي هئي. پرڏيهي ميڊيا چين جي ترقي ۽ سڌارن بابت قومي ڪميشن ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت پاران جاري ڪيل ”چائنا ميرين اڪانامي ڊولپمينٽ رپورٽ 2026ع“ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته سال 2025ع ۾ چين جي سامونڊي معيشت جي جي ڊي پي 11 ٽرلين يوآن کان وڌي وئي جيڪو ملڪ جي جي ڊي پي جو 7.9 سيڪڙو ٺهي ٿو جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سامونڊي معيشت چين جي معاشي ترقي جي هڪ اهم انجڻ بڻجي چڪي آهي. رپورٽ مطابق ملڪ جي 14 هين پنج سالا منصوبي جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين چين جو جديد سامونڊي صنعت جو نظام تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي. آف شور ونڊ پاور گرڊ ڪنيڪشن ۽ نئين نصب ٿيل صلاحيت جي لحاظ کان چين دنيا ۾ پنهنجي پهرين پوزيشن برقرار رکي آهي. سامونڊي پاڻي کي پيئڻ جي قابل بڻائڻ جي منصوبن جي روزانو جي پيداوار 3 ملين ٽن کان وڌي وئي آهي جڏهن ته چين جي پنهنجي تيار ڪيل سامونڊي دوائن جي قسمن جو انگ دنيا جو 28 سيڪڙو بڻجي ٿو.

مزید خبریں