اسلام آباد - 21 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار صارفين کي مارڪيٽ ۾ قيمتن جي لاهن چاڙهن کان محفوظ رکڻ جي لاءِ غذائي تحفظ جي مضبوط قدمن جي اهميت تي زور ڏيندي لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي عملدارن کي ويجهو رابطو ۽ گڏيل تعاون برقرار رکڻ، ضرورت موجب ڪڻڪ جي درآمد جي طريقيڪار کي موثر بڻائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ان جي بنا …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪڻڪ جي درآمد بابت ڪميٽي جو اعلى سطحي اجلاس، وفاقي ۽ صوبائي عملدارن کي ضرورت موجب ڪڻڪ جي درآمد جي طريقيڪار کي موثر بڻائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ان جي بنا رڪاوٽ پهچ يقيني بڻائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار صارفين کي مارڪيٽ ۾ قيمتن جي لاهن چاڙهن کان محفوظ رکڻ جي لاءِ غذائي تحفظ جي مضبوط قدمن جي اهميت تي زور ڏيندي لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي عملدارن کي ويجهو رابطو ۽ گڏيل تعاون برقرار رکڻ، ضرورت موجب ڪڻڪ جي درآمد جي طريقيڪار کي موثر بڻائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ان جي بنا رڪاوٽ پهچ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪڻڪ جي درآمد بابت ڪميٽي جو اعلى سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن، متوقع طلب ۽ پهچ جي نظام جو جامع جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي سمورن صوبن ۾ ڪڻڪ جي دستيابي ۽ قيمتن ۾ توازن يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدمن تي ڌيان ڏنو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار صارفين کي مارڪيٽ ۾ قيمتن جي لاهن چاڙهن کان محفوظ رکڻ جي لاءِ غذائي تحفظ جي مضبوط قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. هن لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ويجهو رابطو ۽ گڏيل تعاون برقرار رکن، ضرورت موجب ڪڻڪ جي درآمد جي طريقيڪار کي موثر بڻائين ۽ سڄي ملڪ ۾ ان جي بنا رڪاوٽ پهچ يقيني بڻائين ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪري سگهجي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير، سنڌ جي خوراڪ کاتي واري صوبائي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، وزيراعظم جي زراعت ۽ غذائي تحفظ بابت ڪوآرڊينيٽر، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق، واپار ۽ قانون ۽ انصاف وارن سيڪريٽرين سميت صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.











