ڪشمير چوڪ انڊر پاس ايندڙ 10 ڏينهن ۾ ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو، اسلام آباد جو 17 سال پراڻو جيل منصوبو مڪمل، جلد اسلام آباد جا سمورا قيدي هتي منتقل ٿيندا: محسن نقوي

اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڪشمير چوڪ انڊر پاس ايندڙ 10 ڏينهن ۾ ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو، جڏهن ته اسلام آباد جو 17 سالن کان التوا ۾ پيل جيل منصوبو به هاڻي مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن جي افتتاح کانپوءِ اڊيالا جيل کان گادي واري هنڌ جي سمورن قيدين کي هتي منتقل ڪيو ويندو، انڊر پاس تي ڪم …

اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڪشمير چوڪ انڊر پاس ايندڙ 10 ڏينهن ۾ ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو، جڏهن ته اسلام آباد جو 17 سالن کان التوا ۾ پيل جيل منصوبو به هاڻي مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن جي افتتاح کانپوءِ اڊيالا جيل کان گادي واري هنڌ جي سمورن قيدين کي هتي منتقل ڪيو ويندو، انڊر پاس تي ڪم جو اڄ 12هون ڏينهن آهي ۽ سي ڊي اي جون ٽيمون ڏينهن رات 24 ڪلاڪ ڪم ۾ مصروف آهن ته جيئن ان کي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم پاڪستان ان جو باضابطه افتتاح ڪندو. اربع ڏينهن ڪشمير چوڪ انڊر پاس منصوبي جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڪشمير چوڪ انڊر پاس مصروف شاهراهه هجڻ باوجود ٽريفڪ کي بند نه ٿيڻ ڏنو ويو ۽ مري ويندڙ ٽريفڪ لاءِ هي منصوبو گيم چينجر ثابت ٿيندو. جيل جي پروجيڪٽ تي ڳالهائيندي هن واضح ڪيو ته گذريل 17 سالن کان دير جو شڪار هي منصوبو گذريل 6 مهينن ۾ سي ڊي اي ۽ لاڳاپيل ٽيمن جي اڻٿڪ محنت سان پڄاڻي تي پهتو آهي، ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان جو باقاعده معائنو ۽ افتتاح ڪرايو ويندو. دوري دوران هن ٻڌايو ته ماحوليات جي تحفظ تحت انڊر پاس جي روٽ تي ايندڙ سمورن وڻن کي وڍڻ بدارن ٻي جڳهه تي حفاظت سان منتقل ڪيو ويو. ان کانسواءِ گادي واري شهر ۾ نئين ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي پيڙهه جو پٿر ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ رکيو ويندو، ايف نائين پارڪ جي 400 ايڪڙ زمين کي لنڊن جي هائيڊ پارڪ جي طرز تي عالمي معيار موجب ريويمپ ڪيو پيوو ڃي ۽ سرڪاري زمينن تي قبضي خلاف بنا فرق جي آپريشن جاري رهندو.