اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما سان پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جي ملاقات

اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما سان پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ تعاون جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. برطانوي هاءِ ڪمشنر وفاقي وزير کي 2027ع لاءِ ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين مقرر ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون. وفاقي وزير …

اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما سان پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ تعاون جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. برطانوي هاءِ ڪمشنر وفاقي وزير کي 2027ع لاءِ ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين مقرر ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون. وفاقي وزير سندس نيڪ خواهشن جي آجيان ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير احد چيما زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين اهم شعبن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي ترجيحن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته حڪومت معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ شعباجاتي سڌارا ۽ پاليسيون اختيار ڪري رهي آهي. احد چيما چيو ته حڪومت ترقياتي ڀائيوارن ۽ گهڻ طرفي سيڙپڪاري کي ڀرپور مدد فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته تعاون ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ آسان بڻائڻ لاءِ ڪم پڻ جاري آهي. اقتصادي معاملن واري وزير پاڪستان ۾ صلاحيت وڌائڻ ۽ سڌارن جي قدمن لاءِ برطانيه جي فارن، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس (ايف سي ڊي او) جي مدد جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته ايف سي ڊي او وزيراعظم آفيس سان گڏجي حڪومت جي جاري سڌارن جي ڪوششن تي ويجهو تعاون ڪري رهيو آهي ۽ ان تي اسان انهن جا شڪرگذار آهيون. جين ميريٽ چيو ته ايف سي ڊي او پاڪستان حڪومت جي مدد جاري رکندو. هن معيشت جي بهتري لاءِ حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ مختلف شعبن ۾ جاري سڌارن کي قيمتي قرار ڏنو. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ويجهن لاڳاپن کي برقرار رکڻ ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن سميت صلاحيت ۾ واڌ ۽ سڌاراجاتي قدمن ۾ تعاون جاري رکڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.