اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت ۾ وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي سان گڏ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) جي موٽر ويز سميت مختلف ترقياتي منصوبن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) تحت مڪمل ڪرڻ تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته پهرين مرحلي ۾ اين ايڇ اي ۽ نجڪاري ڪميشن …
مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت ۾ اهم اجلاس، اين ايڇ اي جا چار منصوبا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مڪمل ڪرڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت ۾ وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي سان گڏ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) جي موٽر ويز سميت مختلف ترقياتي منصوبن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) تحت مڪمل ڪرڻ تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته پهرين مرحلي ۾ اين ايڇ اي ۽ نجڪاري ڪميشن چار منصوبا پي پي پي تحت آڻڻ تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ موٽر وي ايم-10 جي 169 ڪلوميٽر ڊگهي سيڪٽر کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مڪمل ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي. ان کان سواءِ مانسهره، ناران، جهالڪنڊ ۽ چلاس موٽر ويز کي چين جي سرحد سان ڳنڍڻ جي منصوبي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته مانسهره، ناران، جهالڪنڊ ۽ چلاس موٽر ويز کي چين جي بارڊر سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته گرو نانڪ ايڪسپريس وي سک برادري لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿي ۽ ان کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت به تعمير ڪري سگهجي ٿو. هن جي مطابق هي ايڪسپريس وي سک برادري جي مذهبي سياحت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وفاقي وزير اين ايڇ اي عملدارن کي هدايت ڪئي ته تجويز ڪيل منصوبن لاءِ هڪ باضابطه ڪاروباري منصوبو تيار ڪيو وڃي ۽ اهڙن منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي جن کي آساني سان مارڪيٽ ڪري سگهجي ۽ نجي سيڙپڪار جي شرڪت ممڪن هجي. اجلاس ۾ سيالڪوٽ، کاريان موٽر وي ايم-12 جو به ذڪر ڪيو ويو، جيڪو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير هيٺ آهي. عبدالعليم خان چيو ته اين ايڇ اي جي آمدني ۾ نمايان اضافو حوصلا افزا آهي ۽ ادارو مالي خودمختياري ڏانهن وڌي رهيو آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو اين ايڇ اي کي 500 کان 1000 ارب رپين جو ادارو بڻائڻ چاهي ٿو ته جيئن ان جو دارومدار حڪومتي ترقياتي پروگرامن ۽ سرڪاري فنڊن گهٽ ٿي سگهي. وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي منصوبن جي تياري ۽ عملدرآمد لاءِ نجڪاري ڪميشن طرفان اين ايڇ اي کي مڪمل تعاون ۽ ڀائيواري جي خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته اين ايڇ اي ۽ نجڪاري ڪميشن شروعاتي تيارين جو ڪم فوري مڪمل ڪندا ۽ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ هفتي کان پوءِ ٻيهر اجلاس منعقد ڪيو ويندو. اجلاس ۾ مري ايڪسپريس وي کي ڪشمير تائين وڌائڻ جي تجويز تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته ان منصوبي سان سياحت جي شعبي کي نمايان ترقي ملي سگهي ٿي. اجلاس ۾ مواصلات وارو وفاقي سيڪريٽري ، اين ايڇ اي جو چيئرمين ۽ نجڪاري ڪميشن جي ڪارپوريٽ سربراهه پڻ شرڪت ڪئي.











