باڪو-21 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان چيو آهي ته مصنوعي ذهانت جو موثر استعمال آئيني عدالتن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ عدالتي معاملن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. وفاقي آئيني عدالت طرفان جاري پڌرائي موجب چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان آذربائيجان جي سرڪاري دوري تي آهي جتي هن گادي واري شهر …
مصنوعي ذهانت جو موثر استعمال آئيني عدالتن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ عدالتي معاملن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو: چيف جسٽس امين الدين خان

مزید خبریں
باڪو-21 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان چيو آهي ته مصنوعي ذهانت جو موثر استعمال آئيني عدالتن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ عدالتي معاملن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. وفاقي آئيني عدالت طرفان جاري پڌرائي موجب چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان آذربائيجان جي سرڪاري دوري تي آهي جتي هن گادي واري شهر باڪو ۾ ترڪ دنيا جي آئيني عدالتن جي عالمي تنظيم (ترڪ اي وائي) جي اهتمام هيٺ منعقد عالمي گول ميز اجلاس کي خطاب ڪيو. اجلاس جو موضوع آئيني عدالتن جي ڪارڪردگي ۾ مصنوعي ذهانت جو ڪردار هو. اجلاس ۾ آذربائيجان، پاڪستان، ترڪيه، ازبڪستان، قازقستان، ڪرغزستان ۽ قبرص جي آئيني عدالتن جي سربراهن، ججن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته وفاقي آئيني عدالت پاڪستان جي رجسٽرار محمد حفيظ الله خان به اجلاس ۾ شريڪ هو. پڌرائي موجب ترڪ دنيا جي آئيني عدالتن جي عالمي تنظيمن جولاءِ 2026ع ۾ وفاقي آئيني عدالت پاڪستان جي مبصر جو درجو ڏنو هو جنهن کانپوءِ چيف جسٽس امين الدين خان کي ان اجلاس ۾ شرڪت جي خاص دعوت ڏني وئي. اجلاس جي پڄاڻي تي چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان شرڪت ڪندڙن ۾ يادگاري شيلڊز ۽ پاڪستاني ثقافت جي عڪاسي ڪندڙ تحفا ورهايا. هن آذربائيجان جي آئيني عدالت جي چيئرمين ڊاڪٽر فرهاد عبدالله کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني، جنهن کي هن قبول ڪري ورتو. چيف جسٽس اجلاس کان اڳ باڪو ۾ وڪٽري مونومينٽ ۽ آذربائيجان جي قومي اڳواڻ حيدر عليوف جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ گل رکيا. پڌرائي موجب چيف جسٽس امين الدين جو آذربائيجان جو دورو 24 آڪٽوبر 2026ع تائين جاري رهندو، هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ عدالتي تعاون، تجربن جي مٽاسٽا ۽ آئيني انصاف جي شعبي ۾ گڏيل رابطن کي هٿي ڏيڻ اهميت رکندڙ آهي.











