ايڇ اي سي جي تعاون سان مالديپ نيشنل يونيورسٽي ۽ پاڪستان جي 5 مشهور يونيورسٽين وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ 5 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ اي سي) جي تعاون سان مالديپ نيشنل يونيورسٽي ۽ پاڪستان جي 5 مشهور يونيورسٽين وچ ۾ ٻطرفي تعليمي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ 5 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. هي قدم مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي پاڪستان جي تاريخي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي عمل ۾ آيو جنهن جو مقصد ٻنهي …

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ اي سي) جي تعاون سان مالديپ نيشنل يونيورسٽي ۽ پاڪستان جي 5 مشهور يونيورسٽين وچ ۾ ٻطرفي تعليمي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ 5 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. هي قدم مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي پاڪستان جي تاريخي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي عمل ۾ آيو جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ تعليم ۽ علمي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر عائشه عالمي تعليمي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته پوسٽ گريجوئيٽ تحقيق، طبي تعليم، زراعت ۽ غذائي علمن، قانون، سياحت ۽ مهمانوازي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏئي سگهجي ٿو. مفاهمتي يادداشتن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي تعليمي ادارن وچ ۾ حصيداري کي عملي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ، علم ۽ تجربن جي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ ۽ اعليٰ تعليم ذريعي عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائڻ آهي. هي قدم پاڪستان ۽ مالديپ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته تعليمي ادارن وچ ۾ تعاون کي موثر بڻائي تحقيق، تدريس ۽ علمي ترقي جا نوان موقعا پيدا ڪيا وڃن.