سينيٽر شيري رحمان پاران آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي پاڪستان بابت بيان جي آجيان

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي پاڪستان جي حوالي سان بيان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم آهن. اربع ڏينهن پيپلز ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل  بيان ۾ شيري رحمان چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير …

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي پاڪستان جي حوالي سان بيان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم آهن. اربع ڏينهن پيپلز ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل  بيان ۾ شيري رحمان چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير جو بيان پاڪستان جي جاگرافيائي اهميت ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي ضرورت جو اعتراف آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران-آمريڪا تڪرار ۾ ٽياڪڙي جي ڪوششن ذريعي عالمي سطح تي پنهنجي سفارتي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي. ايران-آمريڪا تڪرار جي سڀني ڌرين جو پاڪستان کي ٽياڪڙ طور تسليم ڪرڻ عالمي برادري جي اعتماد جو واضح ثبوت آهي. شيري رحمان چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ هميشه تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي ترجيح ڏيندو آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو مثبت سفارتي ڪردار جاري رکندو. شيري رحمان چيو ته پاڪستان امن جو حامي آهي ۽ پاڪستان  جي سلامتي، خودمختياري  ۽ عوام جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي.