پاڪستان ۽ مالديپ پاران اقتصادي، واپاري ۽ سفارتي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ ۽ گڏيل اعتماد ۽ تعاون جون نيون راهون کولڻ جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد - 21 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ مالديپ اقتصادي، واپاري ۽ سفارتي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ ۽ گڏيل اعتماد ۽ تعاون جون نيون راهون کولڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي پاڪستان جي سرڪاري دوري کي ٻنهي ملڪن جي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي فروغ ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي مالديپ جي …

اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ مالديپ اقتصادي، واپاري ۽ سفارتي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ ۽ گڏيل اعتماد ۽ تعاون جون نيون راهون کولڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي پاڪستان جي سرڪاري دوري کي ٻنهي ملڪن جي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي فروغ ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي مالديپ جي قومي ترقياتي ترجيحن ۾ پاڪستان جي تعاون کي جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي وچ ۾ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي. بعد ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعلى سطحي وفدن جي سطح تي اجلاس پڻ ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ تي مالديپ جي صدر جو استقبال ڪيو ۽ سندس اعزاز ۾ گارڊ آف آنر جي تقريب منعقد ڪئي وئي. صدر معيزو گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو ۽ وزيراعظم هائوس ۾ يادگار جي طور تي ٻوٽو پڻ لڳايو. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ مالديپ جي ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف مالديپ سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپان کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ان جي قومي ترقي جي ترجيحن ۾ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڳالهه ٻولهه ۾ اقتصدي تعاون کي خصوصي اهميت ڏني وئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، سياحت، غذائي تحفظ، دوائن ۽ نجي شعبي جي وچ ۾ حصيداري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن فضائي ۽ سامونڊي رابطن کي بهتر بڻائڻ ۽ گڏيل اقتصادي ڪميشن جو اجلاس جلد منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ۽ مالديپ جي صدر ايندڙ ٻن سالن ۾ ٻطرفو واپار موجوده هڪ ڪروڙ 34 لک ڊالر مان وڌائي 20 ڪروڙ ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو. وزيراعظم مالديپ کي ضروري غذائي شين ۽ دوائن جي فراهمي جي لاءِ پاڪستان جي راضپي جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته اها فراهمي ٻنهي حڪومتن جي وچ ۾ سڌوسنئون انتظامن جي ذريعي ممڪن بڻائي ويندي. وزيراعظم مالديپ جي شاگردن جي لاءِ هر سال وڌيڪ 20 انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن صحت جي شعبي ۾ تعاون، پيشيواراڻي تربيت ۽ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. مالديپ جي صدر جي “پنج ملين وڻ لڳائڻ جي قدم” تحت وزيراعظم اعلان ڪيو ته پاڪستان ايندڙ 12 مهينن دوران هڪ لک زيتون جا ٻوٽا ۽ مختلف ٻوٽن جا هڪ لک ٻج فراهم ڪندو، انهن جي فراهمي لاڳاپيل ٻوٽن جي موسمي دستيابي موجب ڪئي ويندي. پاڪستان پنهنجا ماهر مالديپ موڪليندو جيڪي اتي ٻوٽن جون نرسريون قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. ان تعاون جي ذريعي ٽن سالن ۾ مجموعي طور تي 10 لک ٻوٽا تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي ويندي. علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهائيندي ٻنهي اڳواڻن امن، ڳالهه ٻولهه، خودمختياري جي احترام ۽ عالمي قانون جي پاسداري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم فلسطين جي معاملي تي مالديپ جي اصولي موقف کي ساراهيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، سنڌ طاس معاهدي ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال بابت پاڪستان جو موقف پڻ پيش ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ 20 مفاهمتي يادداشتن جي ڏي وٺ جو مشاهدو ڪيو. انهن يادداشتن ۾ صحت، تعليم، فني تربيت، سياحت، شهري هوابازي، زراعت، ماهيگيري، دفاع، سامونڊي سلامتي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سول سروس، سماجي تحفظ، ثقافت ۽ نوجوانن سميت ٻين شعبن جو احاطو ڪيو ويو آهي. گڏيل ميڊيا ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن ملاقات جي نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معاهدن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوامک ي عملي فائدا حاصل ٿين. هڪ خصوصي تقريب ۾ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو کي سياست ۽ عالمي لاڳاپن جي شعبي ۾ اعزازي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني. اها ڊگري سندس قيادت، عوامي خدمتن ۽ مالديپ جي ترقي جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف مالديپ جي صدر ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو. مالديپ جي صدر جو اهو سرڪاري دورو گذريل 11 سالن ۾ ڪنهن مالديپ جي صدر جو پاڪستان جو پهريون دورو آهي. اهو دورو پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 60 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ٿي رهيو آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط، وسيع ۽ گڏيل طور تي ڪارائتو بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي.