اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان مالديپ جي گهرو وزير علي احسان اهم ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران غير قانوني اميگريشن، انساني اسمگلنگ ۽ منظم ڏوهن کي روڪڻ لاءِ گڏيل لائحه عمل ۽ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي …
مملڪتي گهر وزير جي مالديپ جي گهرو وزير سان ملاقات، ٻه طرفي سهڪار کي وڌائڻ لاءِ ڳالهيون

مزید خبریں
اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان مالديپ جي گهرو وزير علي احسان اهم ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران غير قانوني اميگريشن، انساني اسمگلنگ ۽ منظم ڏوهن کي روڪڻ لاءِ گڏيل لائحه عمل ۽ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزير طلال چوڌري چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ دوست ملڪن سان سيڪيورٽي سهڪار ۽ پيشوراڻن تجربن جي مٽاسٽا کي خاص اهميت ڏئي ٿو. هن واضع ڪيو ته پاڪستان مالديپ سان گهرو سلامتي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي طلال چوڌري وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران مالديپ جي گهرو وزير کي ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ هر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو. مالديپ جي گهر وزير علي احسان پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل ڪوششن سان سيڪيورٽي چئلينجز جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري سگهن ٿا. ملاقات دوران ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.











