اسلام آباد - 21 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، خصوصي قدمن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته علائقائي امن کي هٿي وٺائڻ ۽ عالمي قانونن جي پاسداري لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪردار کي عالمي سطح تي غير معمولي پذيرائي ملي آهي، جڏهن ته انهن ڪاميابين کي پائيدار معاشي ثمرن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ روانگي واپار تي ٻڌل معيشت جي جوڙجڪ اڻٽر آهي، هن 2035ع تائين ملڪي …
امن کي هٿي وٺائڻ ۽ عالمي قانون جي پاسداري لاءِ پاڪستاني ڪردار کي عالمي پذيرائي ملي، ڪاميابين کي پائيدار معاشي ثمرن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ روانگي واپار تي ٻڌل معيشت جي جوڙجڪ اڻٽر آهي: پروفيسر احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، خصوصي قدمن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته علائقائي امن کي هٿي وٺائڻ ۽ عالمي قانونن جي پاسداري لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪردار کي عالمي سطح تي غير معمولي پذيرائي ملي آهي، جڏهن ته انهن ڪاميابين کي پائيدار معاشي ثمرن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ روانگي واپار تي ٻڌل معيشت جي جوڙجڪ اڻٽر آهي، هن 2035ع تائين ملڪي روانگي واپار 100 ارب ڊالر تائين وڌائڻ کي پاڪستان جي معاشي خودمختياري جو اهم هدف قرار ڏنو. اربع تي آمريڪا ايران جنگ کان پوءِ پاڪستان لاءِ امن ۽ معاشي ثرمن جي موضوع تي منعقد ڪانڪليو ۽ گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي پنهنجي سفارتي ۽ دفاعي ڪاميابين کي معاشي ترقي، سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي موقعن ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته مضبوط دفاع جو بنياد مضبوط معيشت آهي، پائيدار معاشي بنيادن کان سواءِ قومي سلامتي ۽ ترقي جا ثمر فائديمند نٿا ٿي سگهن. پروفيسر احسن اقبال ٻي جنگ عظيم کان پوءِ قائم ٿيل عالمي نظام ۾ سڌارن جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته عالمي ادارن کي موجوده دور جي اڀرندڙ حقيقتن ۽ بدلجندڙ گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي. هن موجب خطو هن وقت بحران ۽ تڪرارن مان گذري رهيو آهي جڏهن ته وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾و ڌندڙ ڇڪتاڻ علائقائي امن، استحڪام ۽ معيشت لاءِ سنگين چئلينج بڻجي سگهي ٿي. هن چيو ته لبيا، عراق ۽ شام سميت وچ اوڀر جي مختلف حصن ۾ ڊگهي عرصي کان جاري عدم استحڪام جا اثر هاڻي پاڪستان جي ويجهو ايندي ڏسجي رهيا آهن، ايران، نار خطي ۽ سعودي عرب بابت اڳڀرائي جي تناظر ۾ جنگ جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ علائقائي امن لاءِ سفارتي ڪوششن جي اهميت اڃا به وڌي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار دوران پاڪستان جي سفارتي ڪوششن خاص ڪري پاڪستاني سفارتخاني جي ڪردر ملڪ کي عالمي ڌيان جو مرڪز بڻايو. هن موجب پاسڪتان جي ڪردار کي عالمي سياسي قيادت کان علاوه الجزيره، بي بي سي، سي اين اين، برطانوي ۽ يورپي نشرياتي ادارن سميت جاپاني ۽ چيني ميڊيا به اجاگر ڪيو. هن گذريل جولاءِ ۾ پنهنجي آمريڪي دوري جو حوالو ڏيندي چيو ته ڪانگريس جي ميمبرن، يونيورسٽين جي سربراهن، ڪاروباري شخصيتن ۽ عام شهرين سان ملاقاتن دوران هن پاڪستان جي باري ۾ عالمي راءِ ۾ تبديلي محسوس ڪئي. هن چيو ته انهن ملاقاتن ۾ اڪثر ابتدائي ڳالهيون پاڪستان جي سفارتي ڪردار جي تعريف سان شروع ٿينديون هيون. هن ڀارت سان ڇڪتاڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته ڀارت 2025ع ۾ اهو اندازو لڳايو هو ته پاڪستان جون معاشي ڏکيائيون ان جي دفاعي صلاحيتن ۽ قومي عزم کي متاثر ڪري سگهن ٿيون، جڏهن ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان جي دفاعي ادارن ڀارتي قدمن جو اثرائتو جواب ڏنو ۽ حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو بنيادي معاشي چئلينج ملڪ کي روانگي واپار تي ٻڌل معيشت ۾ تبديل ڪرڻ آهي، جاپان، ڏکڻ ڪوريا، ملائيشيا، ويٽنام، چين، بنگلاديش، ڀارت ۽ ترڪيه سميت ڪيترن ئي ملڪن روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ ذريعي پنهنجي معيشتن کي مستحڪم ڪيو ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ پنهنجو حصو وڌو. هن پاڪستان ۽ ويٽنام جي روانگي واپار جي ڀيٽ ڪندي چيو ته 1990ع ۾ پاڪستان جو روانگي واپار اٽڪل 6 ارب ڊالر جڏهن ته ويٽنام جو 9 ارب ڊالر هو، جڏهن ته اڄ ويٽنام جو روانگي واپار اٽڪل 425 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي ۽ پاڪستان جو شين ۽ خدمتن جو مجموعي روانگي واپار اٽڪل 40 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته پاڪستان کي بار بار پيدا ٿيندڙ معاشي لاهن چاڙهن مان نڪرڻ لاءِ روانگي واپار ۾ اضافو، پيداواري صلاحيت بهتر بڻائڻ، صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ماضي ۾ پرڏيهي مالي مدد ذريعي وقتي معاشي ڏکيائين تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون ڪيون ويون جڏهن ته روانگي واپار جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ضروري پيداواري سيڙپڪاري تي گهربل ڌيان نه ڏنو ويو. پروفيسر احسن اقبال چيو ته اڏام پاڪستان تحت 2035ع تائين روانگي واپار 100 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو هدف معاشي خودمختياري لاءِ بنيادي اهيمت رکي ٿو، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي علائقائي مارڪيٽن ۾ دستياب موقعن مان فائدو کڻڻ ۽ جاگرافيائي سياسي حڪمت عملي کي جاگرافيائي معاشي تعاون سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته علائقائي سلامتي جي موثر نظام ۽ ملڪن وچ ۾ معاشي تعاون ۽ گڏيل طور ان تي ڀاڙڻ کي هٿي وٺائي پائيدار امن ۽ استحڪام جو بنياد رکي سگهجي ٿو. پاڪستان کي تبديل ٿيندڙ عالمي حالتن ۽ جاگرافيائي معاشي موقعن کي نظر ۾ رکندي عمل جوڳي ترقياتي حڪم عملي اختيار ڪرڻي پوندي ته جيئن قومي هدفن کي نئين علائقائي ۽ عالمي حقيقتن سان هم آهنگ ڪري سگهجي. هن چيو ته خطي ۾ امن معاشي ترقي لاءِ بنيادي شرط آهي ۽ حڪومت ۽ هٿياربند فوج خطي کي وڌيڪ ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراءَ کان محفوظ رکڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، داخلي استحڪام ۽ علائقائي امن کي مضبوط بڻائڻ ملڪ ترقي جي تسلسل لاءِ ضروري آهي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪستان کي روائتي دفاع سان گڏ غير روائتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ اندروني استحڪام جي تحفظ لاءِ به موثر قدم کڻڻا پوندا. بلوچستان سميت ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ عدم استحڪام جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ قومي ترقي ۽ معاشي سرگرمين جي تسلسل لاءِ اهم آهي. وفاقي وزير ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته هو موجوده جاگرافيائي سياسي ۽ معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي مستقبل جي ترقياتي ايجنڊا لاءِ عمل جوڳيون سفارشون پيش ڪن ته جيئن اڏام پاڪستان جي هدفن کي موثر انداز ۾ اڳيان وڌائي سفارتي ڪاميابين کي پائيدار معاشي ترقي ۾ تبديل ڪري سگهجي.











